21 جمعو , سيپٽمبر 2018

افغانستان ۾ آمريڪي بمباري جي نتيجي ۾ 16 پوليس اهلڪار مارجي ويا

لشڪر گاهه (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ آمريڪي بمباري جي نتيجي ۾ 16 پوليس اهلڪار مارجي ويا.  افغان اختيارين موجب هلمند جي ضلع گھريشڪ ۾ آمريڪي فوج هوائي حملي ۾ 16 پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. مارجي ويل اهلڪارن ۾ 2 ڪمانڊر به شامل آهن، هلمند پوليس جي ترجمان سلام افغان ٻڌيو ته واقعو جمعي جي شام پيش آيو، افغان پوليس هڪ ڳوٺ ۾ طالبان جي خلاف آپريشن ڪري رهي هئي، جنهن لاءِ ان آمريڪا کان هوائي مدد طلب ڪئي، پر اتحادي طيارن هوائي حملو ڪندي پوليس اهلڪارن تي بم هنيو، نيٽو پنهنجي بيان ۾ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي تحقيق جو اعلان ڪيو آهي، واضح رهي ته افغانستان ۾ آمريڪي ۽ نيٽو جي بمباري کان وڏي تعداد ۾ عام شهري مارجي چڪا آهن، پر ذميوارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي ويندي، تازو ئي فيبروري ۾ هلمند جي ئي شهر سنگين ۾ آمرڪي بمباري سال نومبر ۾ به صوبي قندوز ۾ آمريڪي فضائي حملي ۾ 32 شهري مارجي ويا هئا، جڏهن ته آڪٽوبر 2015 ۾ آمريڪي طيارن عالمي تنظيم ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي اسپتال کي نشانو بڻايو هيو، جنهن جي نتيجي 42 مريض مارجي ويا هئا..

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے