25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آمريڪي پنهنجي شهرين کي اتر ڪوريا وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

واشنگٽن ڊي سي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي شهرين جي اتر ڪوريا وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. سرڪاري اعلان 27 جولاءِ تي جاري ڪيو ويندو جنهن جي هڪ مهيني کان پوءِ آمريڪي شهري ان ڳالهه جا پابند هوندا ته هو اتر ڪوريا جو سفر نه ڪري سگهند . ان پابندي جو فيصلو آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ۾ جاري سخت ڇڪتاڻ جي ڪري ڪيو ويو آهي ڇو ته اتر ڪوريا هڪ پاسي سمورين عالمي مخالفتن جي باوجود پنهنجا ميزائل تجربا جاري رکيا آهن ته ٻئي پاسي ان ڪيترن ئي آمريڪي شهرين کي به مختلف الزامن تحت پنهنجن جيلن ۾ قيد ڪري رکيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Trade war between the United States and China: another applied applies to tariffs

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ: هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے