20 خميس , سيپٽمبر 2018

عدالتي فيصلي کان پوءِ عمران پاڳل ٿي ويندو، پاڳل خاني ۾ ڪمرو تيار آهي: عابد شير علي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته آهي ته نواز شريف پاڪستان جو چونڊيل وزير اعظم آهي ۽ 2018ع کان پوءِ به وزير اعظم چونڊيل هوندو، عدليه فيصلا آئين ۽ قانون جي روشني ۾ ڪندي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ عمران خان کي پاڳل ٿيڻو آهي ۽ ان جي لاءِ پاڳل خاني ۾ ڪمرو به تيار ڪيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته قمر الزمان ڪائره ۽ شيري رحمان جهڙا ماڻهو ڪرپشن تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن، انهن جي ڪرپشن تي بيان سان سپريم ڪورٽ جا در ۽ ديوارون به لڏي وينديون هونديون. هن چيو ته سمورا چور هڪ فارم تي گڏ ٿي چڪا آهن ۽ اهي سمورا پاڪستان جي ترقي جي خلاف آهن. نواز شريف کي پاڪستان جي عوام وزير اعظم بڻايو آهي ۽ هن ملڪ کي اونداهي مان ٻاهر ڪڍيو. هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم لواري ٽنل جو افتتاح ڪيو ۽ سنڌ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو.  عمران ڪرپٽ ماڻهو جو پٽ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جي آزادي کي پ پ چيئرمين رليف قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے