18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

توهان وزير اعظم آهيو، کلي ٻڌايو ته ڪير پيو سازش ڪري: شيري رحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف ملڪ جي هر اداري کي تڪراري بڻائي رهيو آهي، توهان ملڪ جا وزير اعظم آهيو، کليل نموني ٻڌايو ته ڪير سازش ڪري رهيو آهي ۽ ڪٺ پتليون هلائي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن توهان احتساب کي نٿا مڃون ته سپريم ڪورٽ تي سواليه نشان اٿي رهيا آهن. نواز شريف پنهنجي ذات جي لاءِ هر اداري کي يرغمال بڻايو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي وزير اعظم اهڙي ڳالهه ڪئي هجي ها ته توهين عدالت جي الزام ۾ ڪٺهڙي ۾ هجي ها. سڄو ملڪ انتظار ۾ آهي، پاڪستنا کي ان بحران مان ڪڍيو وڃي. وزير اعظم جي بيان تي سوال اٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلوچستان ۾ 265 فراري هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ 265 فراري هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے