15 جمعو , ڊسمبر 2017

تلوارن سان ئي سهي، امن لاءِ آزادي ضروري آهي (4):ڊاڪٽر ايوب شيخ

 

مون ڪتابن ۾ جنهن نموني آميريڪا کي پڙهيو هو تنهن مان مون  اهو سمجهيو هو ته اهو مختلف ملڪن وانگر ساڳين پاليسين تي هلندڙ ملڪ هوندو، آميريڪا جي رياستن کي پاڪستان جي چئن صوبن (رياستن) وانگر سمجهي اهو ڀانيو هو ته ننڍيون وڏيون 50 رياستون هونديون. پر آميريڪا اچڻ کان پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته هي ملڪ ڏسڻ کان سواءِ شايد نه ٿو سمجهي سگهجي ڇوته خبرن ۽ ميڊيا ۾ ته اوهان کي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن رياست جي ڄاڻ ڪڏهن ڪڏهن ملي ٿي. ڪنهن اهم واقعي جي ڪري اوهان ان بابت هڪڙو تصور ٺاهيو ٿا ۽ بس !

ڪاهون ڪندڙ انگريزن جا پهريان علائقا:

ڪاهون ڪندڙ انگريز سڀ کان اول ”بهاماس“ جي ٻيٽن تي لٿا. ميسوچيسٽ ۾ هو 1630ع ۾ آيا هئا. سڀ کان اول جن 13 ٻيٽن تي آيا ۽ انهن کي پنهنجون بيٺڪون ٺاهيو انهن ۾: بهاماس، ميسوچيسٽ، نيويارڪ، ڊيلويئر، پينسلوانيا، نيو جرسي، جارجيا، ڪنيڪٽي ڪٽ، ميري لينڊ، ڏکڻ ڪيرولينا، نيو همپشائر، ورجينيا، اتر ڪيرولينا، ۽ روڊ آئيس لينڊ شامل آهن. انگريزن انهن مان ڪجهه ڪالونيون پاڻ ۾ ملائي انهن جو هڪ انتظام رکيو.

قتل عام، غلامي ۽ آزادي:

ساڳئي نموني دنيا جي سياسي ۽ تاريخي علم ۾ ”غلامي“ ۽ ”آزادي“ يا انهن جي باري ۾ توڙي ملڪن جي بيٺڪيت جي باري ۾ جيڪي بنهه ٿورڙو ڪجهه پڙهيو آهي، هتي ڳالهه ڪجهه مختلف هئي. سولي سنڌي ۾ هي ڳالهه آهي ته 17هين صديءَ جي شروعات ۾ انگريز پنهنجو مذهب ( عيسائيت) ۽ واپار توڙي واپاري ايسٽ انڊيا ڪمپني کڻي پهتا. اٽڪل 150 سال اصلوڪن آميريڪي هندستانين کي لکن جي انگ ۾ ماري مات ڪيو ۽ نوان نوان نسل پيدا ڪندا ويا. اصلوڪن جي جاءِ تي انگريز اچي ويا. سڀ ڪجهه انهن جي ڪنٽرول ۾ هيو. ڏيڍ سئو سالن کان پوءِ آميريڪي ۾ پيدا ٿيل نئين نسل جنهن ۾ اڪثريت آئرلينڊ جي انگريزن جي هئي، ته نون انگريزن خلاف، انهن جي قبضي خلاف وڏي بغاوت ڪئي. هڪ ڏينهن آميريڪي انقلاب اچي ويو.

دنيا جي جاگرافيءَ ۾ آميريڪي کنڊن جو حصو:

دنيا جي ستن کنڊن ۾ آميريڪا  جي نالي سان اتر ۽ ڏکڻ ٻه کنڊ آهن. جن ۾ 35 ملڪ آهن. آميريڪا پاڻ 50 رياستن جو وڏو ملڪ آهي، جنهن جي آبادي 2017ع جي آدمشماري موجب 32 ڪروڙ 59 لک 12 هزار آهي. جيڪي 38 لک چورس ميلن ۾ رهن ٿا. ان حساب سان هر رياست جي سراسري آدمشماري 65 لک 18 هزار ٿئي ٿي. پر ملڪ جي وڏي ۾ وڏي آبادي واري رياست ڪئليفورنيا آهي جنهن ۾ 3 ڪروڙ 91 لک يا لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا. اهي سموري آبادي جو 12.18 سيڪڙو ٿين ٿا. جڏهن ته ننڍي ۾ ننڍي رياست ملڪ جي گادي جو هنڌ واشنگٽن آهي، جنهن کي اڳي ڪولمبيا ضلعو سڏيندا هيا. ان جي آبادي رڳو ست لک آهي.

مون هتي اچڻ کان پوءِ، هارورڊ يونيورسٽي ۽ ان سان گڏ سوين ادارن جون عمارتون ڏسي سمجهيو ته هي قصو ٻيو آهي. هي ملڪ ڏسڻ کان سواءِ ان نموني محسوس ڪري نه ٿو سگهجي. ان ڪري اوهان جيڪي به آميريڪا وڃي سگهو ٿا، سي ضرور وڃن. اتي گهمن، ڏسن. جيڪي بزنيس ڪري سگهن ٿا، اهي بزنيس پڻ ڪن. اڄوڪي ريٽ سان پاڪستاني 107 رپيا هڪ ڊالر جي برابر آهن، ان مان سمجهيو ته ڪوبه شخص اتي 2 يا 3 هزار ڊالر مهيني ۾ ڪمائي ته معنا اهي پاڪستاني 2 يا 3 لک رپيا ٿين ٿا. اها ڪمائي اتي ڊرائيور ڪري سگهي ٿو. ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن، چارٽرڊ اڪائونٽنٽس ۽ ٻين جي ڳالهه ئي اور آهي. هڪڙي سنڌي ڊاڪٽر فيملي اربين رپيا ڪمايا آهن. هن تازو هڪ ارب رپيا سنڌ ۾ امداد ڏني آهي.

ايڏي وڏي ملڪ جي ڪري، هتان جا ماڻهو وڏي واڪ چوندا آهن ته ”آميريڪا هڪ ملڪ نه پر هڪ کنڊ Continent آهي“، Its not a country, its a continent ايئن چوڻ سان اهي اصل ۾ پنهنجي تنگ نظري ظاهر ڪن ٿا. اهي اتر آميريڪا ۽ ڏکڻ آميريڪا جي ٻنهي کنڊن کي ملائي رڳو آميريڪا سڏين ٿا ۽ مختلف ننڍن وڏن ملڪن يا وچ آميريڪا جي ملڪن کي اهڙو سمجهن ئي نه ٿا جو، ذڪر ڪجي ۽ انهن کي پنهنجي کنڊ ۾ داخل ڪن.

آميريڪا سميت اتر آميريڪي کنڊ ۾ 23 ملڪ آهن، ڏکڻ کنڊ ۾ 12 ملڪ آهن. ڪئناڊا ته پکيڙ ۾ آميريڪا کان به وڏو ملڪ آهي. اها تنگ نظري ان ڪري به آهي ته انهن ملڪن جي گهڻائي اهي ملڪ آهن جيڪي يا ته انگريزن جي بيٺڪيت رهيا يا فرينچن جي يا وري آميريڪن جي. سو پنهنجي غلام رکيل ملڪن کي ڪيئن ڳڻائين. ؟ اها سندن ”انا“ آهي، جنهن جو هو چوڻ بنا اصطلاحي اظهار ڪندا آهن. مثلن: انهن مان ڪيوبا، وينزوئيلا، چلي، انگولا ۽ ٻيا ملڪ ته اهڙا به آهن جيڪي سوشلزم جي رستي تي هلي پيا ۽ آميريڪي کنڊن ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيائون. جنهن ڪري، آميريڪي اسٽيبلشمينٽ پنهنجا نوان نوان اصطلاح پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

اتر آميريڪا کنڊ جا 23 ملڪ ۽ 22 بيٺڪيتون:

هن کنڊ جون سرحدون ڏسو. اتر ۾ آرڪٽڪ سمونڊ، اوڀر ۾ ائٽلانٽڪ سمونڊ، پئسيفڪ يا ماٺو سمونڊ اولهه ۽ ڏکڻ ۾. هي ڏکڻ آميريڪا کان مٿئين پاسي  تي سمونڊ سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ته ڏکڻ پاسي پاناما ۽ ڪولمبيا جون سرحدون هن سان لڳن ٿيون. پاناما کي اڄڪلهه هر قسم جو پاڪستاني سڃاڻي ٿو. ڪئناڊا ۽ آميريڪا هن کنڊ جو 79 سيڪڙو والارين ٿا.  دنيا جا سياح گهڻو ڪري آميريڪا گهمڻ اچن ٿا. ان ۾ به نيويارڪ شهر کي سڀ کان گهڻو سياح ملي ٿو. ڪئناڊا ۽ آميريڪا کان پوءِ ٽئين نمبر تي سياح ميڪسيڪو وڃن ٿا. اتر يا North ۾ اسان جي آميريڪي سنڌين جي اهم تنظيم ”سانا“ Sindhi Association of North America (SANA)  ۾ ”ن“ اتر يا نارٿ جو آهي.

اتر کنڊ جي ملڪن جا نالا:

آميريڪا، ڪئناڊا، ڪيوبا، ميڪسيڪو، پاناما، نڪاراگئا، ڪوسٽاريڪا، ائنٽيگوا ۽ باربودا، بهاماس، باربيڊوس، بليز، ڊومنيڪا، ريپبلڪ ڊومنيڪا، السلواڊور، گوئٽي مالا، گريناڊا، هيٽي، هونڊراس، جميڪا، سينٽ ڪٽس ۽ نيوِس، سينٽ لوشيا، سينٽ ونسينٽ ۽ گرينيڊائينس،ٽرني ڊيد ۽ ٽوباگو شامل آهن. السلواڊور کان ٽوباگو تائين جا ملڪ وچ آميريڪا Central Americaجا ملڪ سڏجن ٿا. انهن کي گهڻو زمانو لاطيني آميريڪا به سڏيو ويو، جنهن جو سبب ڇهين ۽ ستين صديءَ ۾ اتي ڳالهائي ويندڙ لاطيني ٻولي Latin هيو، جيڪا انهن علائقن تي قبضو ڪندڙ رومي قابضين جي بگڙيل ٻولي هوندي هئي.

جڏهن ته اتر کنڊ ۾ 22 بيٺڪيتون Colonies آهن، جن تي اڄ به آميريڪا، فرانس، انگلستان، هالينڊ ۽ ڊينمارڪ جو راڄ آهي. اوهان انهن ملڪن جا نالا پڙهي سمجهي سگهو ٿا ته اهي تاريخي طور توڙي ويجهي ماضيءَ ۾ ٻين ملڪن ۽ علائقن تي ڪاهون ڪندڙ رهيا آهن.

ڏکڻ آميريڪا کنڊ جا 12 ملڪ ۽ 3 بيٺڪيتون:

ٻنهي کنڊن جو ڏاکڻو پاسو هجڻ سبب ان کي ڏکڻ آميريڪا جو نالو ڏنو ويو. ان جي اولهه ۾ پئسيفڪ ( ماٺو) سمونڊ، ائٽلانٽڪ اوڀر ۽ اتر ۾ ۽ اتر اولهه ۾ ڪئريبيئن سمونڊ وسيلي اتر آميريڪا سان ملي ٿو. هن کنڊ ۾ وڏو ملڪ برازيل آهي جنهن جي 52 سيڪڙو آبادي  ۽ علائقي جو 50 سيڪڙو والاري ٿو. جڏهن ته، سُرينام Surinam سڀ کان ننڍو ملڪ آهي. اهو ڏکڻ کنڊ جو اڪيلو ملڪ آهي، جتي ڊچ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. برازيل، ارجنٽينا يا ارجنٽائين ۽ پيروُ سڀ کان گهڻو گهميا ويندڙ ملڪ آهن. پيروُ ۾ ”انڪا“ قبيلي جو اهو پراسرار شهر ”ماچُو پِچُو“ گهمڻ وٽان آهي. ”انڪا“ قبيلي جو احوال اڳتي ايندو. دنيا جو مشهور گوريلا اڳواڻ ۽ انقلابي سورمو ڊاڪٽر چي گويرا ارجنٽائين ۾ ڄائو ۽ بوليويا ۾ قتل ٿيو هو. جڏهن ته ناميارو عوام دوست انقلابي هوگوشاويز وينزئيلا جي صدر ۽ سرزمين تي سماجي زلزلا آڻيندڙ شخص طور مشهور رهيو.

ڏکڻ کنڊ جي ملڪن  ۽ بيٺڪيتن جا نالا:

ڏکڻ کنڊ جي ملڪن ۾ برازيل، ارجنٽينا، بوليويا، چلي، وينزئيلا، ڪولمبيا، ايڪوڊور، گيانا، پئراگوئي، يوراگوئي ۽ سُرينام شامل آهن. جڏهن ته بيٺڪيتن ۾ فاڪلئنڊ، فرينچ گينيا ۽ ڏکڻ جارجيا ۽ ڏکڻ سئنڊوچ ٻيٽ شامل آهن.

سو آميريڪا هڪ ملڪ يا هڪ کنڊ ناهي، پر اهي 35 ملڪن ۽ 25 قبضو ٿيل ڪالونين جا سڄا سارا ٻه کنڊ آهن.

ميسوچيسٽ جي باري ۾ :

مٿي ذڪر ڪيل 13 ڪالونين ۽ نئين انگلينڊ New England جي ڇهن رياستن مان هڪ ميسوچيسٽ آهي. انگريز واپاري ”مي فلاور“ May Flower بحري جهاز ۾ چڙهي هتي لٿا هيا. هنن عيسائيت جو ورد پئي ڪيو. سياح ۽ بيٺڪي انگريز نالي ”جان سمٿ“ اتان جي هڪ قبيلي جي پويان ان جو نالو ”ميسوچيسٽ“ رکيو هو.

ميسو چيسٽ جي گادي جو شهر بوسٽن آهي. ميسوچيسٽ جنهن کي اڳي ”ميسوچيسٽ بيBay چوندا هيا، اهو انگريز ڪاهه ڪندڙن پاران پراڻو آباد ڪيل علائقو  آهي، ان جي آبادي لڳ ڀڳ 70 لک آهي. هن جو نعرو آهي: تلوارن سان ئي سهي، امن لاءِ آزادي ضروري آهي.

باسٽن يا بوسٽن جنهن کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپايو ويو آهي. تنهن 124 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل شهر جا ٻه حصا آهن. هڪ ڪئمبرج  نالي سان پڙهيل ڪڙهيل ۽ انتهائي مهذب ماڻهن جو شهري علائقو آهي، جنهن ۾ اڪثرعمارتون تعليمي ادارا ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهن، استادن، شاگردن سان سٿيل آهن.گهڻو ڪري گهٽ ماڙ عمارتون آهن. شهر ويڪرا ويڪرا، کليل ۽ ڪشادگي جي ڪري ذهني آزاديءَ جو احساس ٿئي ٿو.

باسٽن شهر اڳتي هلي اميريڪي انقلاب لاءِ اهم شهر بڻيو ۽ اتي وڏيون لڙايون ٿيون، جيڪي انگريزن جي ڪاهن خلاف ۽ انهن جي بيٺڪي راڄ خلاف هيون. انهن ۾ بوسٽن رتوڇاڻ، Boston Massacre، بوسٽن تي گهيرو The Siege of Boston، چوٽيءَ تي خندقن جي لڙائي  The Battle of Bunker Hill۽ بوسٽن ٽي پارٽيBoston Tea Party خاص آهن.

شهر جو ٻيون حصو پراڻو باسٽن آهي، جنهن ۾ وڏيون ۽ اوچيون عمارتون، شاپنگ سينٽر، فوڊ سينٽر، ميوزم، ريلوي اسٽيشنون، پارڪ، ڪلبون، شراب خانا، قهوه خانا ۽ باسٽن جو ايئرپورٽ آهي، جيڪو پاڪستان جي ڪنهن به ايئرپورٽ کان سرگرميءَ توڙي ڊيگهه ويڪر ۾ وڏو آهي. هن علائقي کي ”نئين انگلينڊ“ New England سڏيو وڃي ٿو. مون آميريڪا جي ڪنهن به شهر مان آيل ڪنهن سنڌي دوست جي فون تي جڏهن به کيس ٻڌايو ته آئون بوسٽن آيو آهيان ته رڳو شهر جو نالو ٻڌي هنن جو ڪنڌ فخر سان اوچو پئي ٿي ويو. پوءِ شهر بابت پئي ٻڌايائون. هن شهر جو لهجوعام طور انگلينڊ جهڙو ۽ خاص طور انگلستاني شهر آڪسفورڊ جهڙو آهي. پڙهيل ۽ مهذب. نه گوڙ نه شور. رڳو تعليم ۽ تحقيق.شهر جو ٻيون حصو پراڻو باسٽن آهي، جنهن ۾ وڏيون ۽ اوچيون عمارتون، شاپنگ سينٽر، فوڊ سينٽر، ميوزم، ريلوي اسٽيشنون، پارڪ، ڪلبون، شراب خانا، قهوه خانا ۽ باسٽن جو ايئرپورٽ آهي، جيڪو پاڪستان جي ڪنهن به ايئرپورٽ کان سرگرميءَ توڙي ڊيگهه ويڪر ۾ وڏو آهي. هن علائقي کي ”نئين انگلينڊ“ New England سڏيو وڃي ٿو. مون آميريڪا جي ڪنهن به شهر مان آيل ڪنهن سنڌي دوست جي فون تي جڏهن به کيس ٻڌايو ته آئون بوسٽن آيو آهيان ته رڳو شهر جو نالو ٻڌي هنن جو ڪنڌ فخر سان اوچو پئي ٿي ويو. پوءِ شهر بابت پئي ٻڌايائون. هن شهر جو لهجوعام طور انگلينڊ جهڙو ۽ خاص طور انگلستاني شهر آڪسفورڊ جهڙو آهي. پڙهيل ۽ مهذب. نه گوڙ نه شور. رڳو تعليم ۽ تحقيق.

اسانجي نياڻي هير مون کان پڇيو ته ” بابا اوهان کي آميريڪا ڪيئن ٿو لڳي“ مون کيس چيو ته بابا هي ته انگلينڊ جهڙو آهي، هن چيو ” نيويارڪ ڏسندا ته اوهان کي آميريڪا نظر اچي ويندو، هي ته نئين انگلينڊ آهي“  ( هلندڙ)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾….!!

نوراحمد جنجهي ڪبير ڀڳت ساديون ڳالهيون ڪندي ، انساني رويئي بابت گهڻو ڪجهه سمجهايو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے