23 آچر , سيپٽمبر 2018

ماڊلنگ سان حاصل ڪيل تجربي حوصلو بلند ڪيو آهي: ماها منظور

لاهور(شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا ماها منظور چيو آهي ته ماڊلنگ سان حاصل تجربي حوصلو بلند ڪيو آهي. هن چيو ته هن جي پهرين ترجيح ماڊلنگ آهي اڃا به ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، هن چيو ته کيس ٻن فلمن جي آڇ ٿي آهي پر هوءَ پنهنجي مصروفيتن سبب هن وقت فلم سائن نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته هوءَ اڃا ذهني طور فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ماها منظور ”آءِ اين پي“ کي ٻڌايو ته مستقبل ۾ سٺو اسڪرپٽ ۽ ڪردار مليو ته ضرور ڪم ڪندي. هن چيو ته کيس ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي، پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. سندس چوڻ هو ته اسان جا ڊراما ۽ فلمون ڪنهن کان گهٽ ناهن. ماهره خان جي انڊين فلم ”رئيس“ کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے