16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

سچل شناسيءَ بابت مدد علي سنڌيءَ جو ڪتاب منصوريءَ جي موج ۾ :رکيل مورائي

شاهه سائين کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي جنهن شاعر تي گهڻو لکيو ويو آهي يا لکجي رهيو آهي، اهو سنڌ جو  وحدت الوجودي صوفي شاعر حضرت سچل سرمست  آهي. اها پڪ آهي، سندس وفات جي ڏينهن چوڏهين رمضان المبارڪ تي سندس عرس شريف سان گڏ هر  سال هڪ ادبي ڪانفرنس پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ پڙهيل  مقالا ايندڙ سال تي سچل يادگار ڪاميٽيءَ پاران ڇپرائي پڌرا ڪيا ويندا آهن، اها روايت ٽيهاروکن سالن کان هلندڙ آهي.

سچل سائينءَ  تي ميلي جي وچ واري ڏهاڙي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس  جڏهن کان سنڌ  جي ثقافت واري کاتي سنڀالڻ  شروع ڪئي آهي، تڏهن کان هر سال ڪيترائي ڪتاب سچل سائين جي شاعري، شخصيت ۽ تصوف بابت ثقافت کاتو ڇپرائيندو رهيو آهي.

روايت موجب هن سال پڻ اسان جي شاعر دوست  ۽ ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه جي خاص خواهش تي سنڌي  ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌي صاحب، سچل بابت  ڪن آڳاٽن اڻلڀ مضمونن تي ٻڌل هڪ ڪتاب تڪڙ ۾ ئي ترتيب ڏنو آهي، جيڪو سچل سائين جي هن ڪانفرنس  جي موقعي تي ٻڌرو ڪيو ويو آهي، جيڪو مواد جي حوالي ۾ نهايت اهم  مضمونن ٻڌل آهي.

هن ڪتاب ۾ سچل سائين بابت اهي مضمون شامل آهن، جيڪي اڄ ڪلهه اسان وٽ  اڻلڀ هئا ۽ ممڪن آهي ته اڳتي هلي اسان کي نه ملن ها، جيتوڻيڪ اڄ تائين ايندي سچل سائينءَ جي شاعري ۽ فڪر بابت چڱو  ئي ڪم ٿي چڪو آهي ۽ تحقيق گهڻو  اڳتي نڪري آئي آهي ۽  گهڻي حد تائين اطمينان  جوڳي به آهي، جيڪو اطمينان سچل سائين جي شاعري ۽ فڪر بابت شروعاتي ٿيل تحقيق مان نه ملي سگهيو پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته اڄ  جي نئين تحقيق جا بنيادي  ماخذ وري به اهي ئي مضمون، مقالا ۽ ٻيا ليک آهن، جيڪي مدد علي سنڌيءَ  صاحب جي هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ شامل آهن. جنهن ڪري هن ڪتاب جي اهميت گهڻي  وڌيڪ آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي ”  منصوريءَ جي موج ۾“

هن ڪتاب جي ترتيب ۾ جيڪي  لکندڙ شامل ٿيل آهن، انهن جي نالن مان ئي سچل شناسن جو اندازو ٿي ويندو ته هيءُ ڪتاب ڪهڙي اهميت وارو آهي.

ڪتاب جا لکندڙ آهن ، مرزا علي قلي بيگ ، آسانند مامتو راءِ، پير حسام الدين راشدي، عثمان علي انصاري، شيخ اياز، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ملڪ نديم، مجاهد حسين سولنگي ۽ ڊاڪٽر قريشي، حامد علي خاناڻي.

هن ڪتاب کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو ته سچل سائينءَ  بابت اهو سمورو آڳاٽو لکيل مواد محفوظ هجڻ گهرجي، ان کان اڳ جو اهو سڀ وقت جي دز ۾ لٽجي وڃي، ان سموري مواد کي ترت سهيڙڻ  جي سخت ضرورت آهي ۽ سچ پچ مدد علي سنڌي صاحب هيءُ ڪتاب  سهيڙي نهايت اهم ۽ بنيادي مضمونن کي گم ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، خاص طور مرزا علي قلي بيگ ۽ عثمان علي انصاري  وارا مضمون ته نهايت  اهم ان ڪري به آهن جو اهي ٻئي عالم سچل سرمست جي رسالن جا بنيادي سهيڙيندڙ پڻ آهن ۽ سندن هيءُ  مضمون ان ئي سلسلي ۾ لکيل  آهن.

سچل سائين جو مرزا علي قلي بيگ پاران ترتيب ڏنل رسالو اسان جي  برک عالم سائين ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب  جي محنتن سان ثقافت کاتي اڳ ئي ڇپائي، ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته  ان قسم جا بنيادي ليک  ڪنهن به طرح وري سهيڙي ثقافت کاتي کي ڇپائڻ گهرجن، ان سان گڏ نئين تحقيق ۽ ترويج توڻي ترتيب ۽  ترجمن جو ڪم پڻ  هلندو  رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها ئي حق ادائي ٿيندي پر  ان ۾ ڪنهن نئين تحقيق جو هجڻ بنهه اڻٽر هجڻ گهرجي، ان لاءِ پڻ ڪوشش ڪرڻ کپي.

اسان جو دوست ناميارو ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌي  سچ پچ جس جو ڀاڳي آهن، جنهن پنهنجو تخليقي ڪم پاسيرو ڪري هيءُ ترتيب جو ڪم ڪيو آهي، هو ڇاڪاڻ ته تخليڪار آهي، ان ڪري سندس مرتب جي نوٽ پڙهڻ مان به لطف اچي ٿو،  جنهن ۾ هن سچل تي پهريون ڀيرو اچڻ جو ذڪر ڏاڍي تخليقي انداز ۾ڪيو آهي.

ڪيئن به هي اڻ لڀ ليکن تي ٻڌل ڪتاب سچل شناسيءَ ۾ اهم واڌارو  ٿيندو، هڪ سئو ستهٺ صفحن جي هن پڪي جلد ۽ اڇي پني واري ڇپيل ڪتاب جو ملهه ڏيڍ سئو روپيا آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي، پڪ سان سچل شناسيءَ بابت ڪم ڪندڙ هن ڪتاب مان گهڻو ئي فائدو وٺندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾….!!

نوراحمد جنجهي ڪبير ڀڳت ساديون ڳالهيون ڪندي ، انساني رويئي بابت گهڻو ڪجهه سمجهايو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے