24 سومر , سيپٽمبر 2018

ٽيم کي ٽنهي فارميٽن ۾ نمبر ون بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس: سرفراز احمد

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد راند جي ٽنهي فارميٽن ۾ عالمي نمبر ون بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. تازو ٽيسٽ ٽيم جي اڳواڻي ملڻ کانپوءِ سرفراز احمد هاڻ ٽنهي فارميٽن ۾ ڪپتان مقرر ٿي ويو آهي. شاهد آفريدي طرفان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني ڇڏڻ کانپوءِ اها ذميواري سرفراز احمد حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته هلندڙ سال اظهر علي طرفان ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ ان جو اڳواڻ به سرفراز احمد کي ئي مقرر ڪيو ويو. ويسٽ انڊيز جي دوري کانپوءِ مصباح الحق به رٽائرڊ ٿي ويو ۽ اهو عهدو به سرفراز احمد ئي ماڻيو. آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کٽيندڙ ٽيم جي مان ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب ۾ خطاب ڪندي سرفراز احمد چيو ته مان مستقبل ۾ ٿيندڙ ايونٽن ۾ به ڪاميابيون حاصل ڪندي قوم جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس، ڪوشش هوندي ته سڀني فارميٽن ۾ ٽيم کي نمبر ون بڻايان. سندس چوڻ هو ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڪاميابي ٽيم جي گڏيل محنت جو نتيجو آهي، سڀني رانديگرن سخت محنت ڪئي ۽ اسان ڪامياب ٿياسين. ان موقعي تي پاڪستان سپر ليگ جي چيئرمين نجم سيٺي چيو ته مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي ته چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ ۾ نوجوان رانديگرن اهم ڪردار ادا ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pak-India Match: Consulting the National Team by the former and Moda cricketers

پاڪ-ڀارت دنگل: اڳوڻن ۽ موجودا ڪرڪيٽرن پاران قومي ٽيم کي مشورا

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) ڀارت خلاف هاءِ وولٽيج ٽاڪري لاءِ اڳوڻن ۽ موجودا ڪرڪيٽرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے