20 خميس , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم سڳ سميت پڪڙيو ويو، ڪهڙو وڪيل ڪيس وڙهندو: اسد عمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته ائين لڳي رهيو آهي ته سڀاڻي پاناما ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي ويندي، وزيراعظم سڳ سميت پڪڙيو ويو، ڪهڙو وڪيل ڪيس وڙهندو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسد عمر جو چوڻ هو ته ڪيپٽن (ر) صفدر جو وڪيل ملڪ ۾ ناهي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪوڙا ڪاغذ ڏيکاريا ويا. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سليم مانڊوي والا ڳالهائيندي چيو ته ادارن ڪاغذن ۾ ٽيمپرنگ ڪئي، اها خطرناڪ ڳالهه آهي، ٽن ادارن جي سربراهن رڪارڊ ٽيمپرنگ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ ٽيمپرنگ جو ڪم جونيئر آفيسرن کان ڪرايو ويو. سندس چوڻ هو ته ايف بي آر رڪارڊ ٽيمپرنگ ۾ ملوث آهي، ايس اي سي پي چيئرمين خلاف ثبوت موجود آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت سشما سوراج ۽ شاهه محمود قريشي جي ملاقات تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏيندي ڀارت گڏيل قومن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے