25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

دهشتگردن سان لاڳاپن الزام هيٺ ڪويت مان 15 ايراني سفارتڪار بي دخل

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ): نار جي ملڪ ڪويت دهشتگردن سان لاڳاپن جي الزام هيٺ 15 ايراني سفارتڪارن کي بي دخل ڪندي ايراني سفارتي مشنز کي به بند ڪري ڇڏيو آهي، ڪويت جي سرڪاري نيوز ايجنسي طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪويت جي حڪومت 15 ايراني سفارتڪارن کي بي دخل ڪندي ايراني فوجي، ثقافتي ۽ تجارتي مشنز کي به بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪويت عملدارن موجب دهشتگردن جي گروه کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جو ايراني سفارتڪارن سان تعلق ثابت ٿيڻ تي اهو قدم کنيو ويو، ڪويت جي قائم مقام وزير اطلاعات شيخ محمد المبارڪ چيو ته عدالت طرفان دهشتگرد گروهه کي سزا ٻڌائڻ بعد ايراني سفارتڪارن جي ملڪ بدري جو فيصلو ڪيو ويو، ڪويت جي سڪيورٽي فورسز 2015 ۾ ايران ۽ لبناني هٿياربند تنظيم حزب الله سان تعلق رکندڙ دهشتگرد سيل جو پتو لڳايو هيو ۽ انهن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو هيو، سپريم ڪورٽ گذريل مهيني گروهه جي سربراهه کي ڪويت ۾ حملن جي سازش ڪرڻ جي الزام ۾ عمر قيد ۽ ٻين 20 ڪارڪنن کي جيل جون مختلف سزائون ٻڌايون هيون، ڏوهارين ۾ هڪ ايراني جڏهن ته باقي مقامي شهري آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ ”سالياني عام بحث“ جي شروعات

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي واري اجلاس ۾ اڄ کان”سالياني عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے