23 آچر , سيپٽمبر 2018

رام ناٿ ڪووند ڀارت جو نئون صدر چونڊجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ): نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار رام ناٿ ڪووند 65 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ڀارت جو 14هون صدر چونڊجي ويو، ڀارت جي صدارتي چونڊن لاءِ نيشنل ڊيموڪريتڪ الائنس جي اميدوار رام ناٿ ڪووند ۽ اپوزيشن جماعتن جي گڏيل اميدوار ميرا ڪمار وچ ۾ سخت مقابلو هيو، پر رام ناٿ ڪووند 65.65 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ملڪ جو 14هون صدر چونڊجي ويو، صدارتي چونڊون 2017 لاءِ ريٽرننگ آفيسر انوپ مشرا مطابق رام ناٿ اليڪٽورل ڪالج ۾ مجموعي طور 2 هزار 930 ووٽ حاصل ڪيا، ڏهن ته ميرا ڪمار هڪ هزار 844 ووٽ حاصل ڪري سگهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي رام ناٿ کي ملڪ جو صدر بڻجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پارليامينٽ ميمبرن ۽ مختلف رياستن طرفان رام ناٿ جي حمايت ڪرڻ تي خوشي ٿي، جڏهن ته هن اليڪٽورل ڪالج جي ميمبرن جا پڻ ٿورا مڃيا، صدارتي چونڊ لاءِ 771 پارليامينٽ ميمبرن کي ووٽ جو حق حاصل هيو، جڏهن ته رام ناٿ 522 ۽ ميرا ڪمار 225 ووٽ حاصل ڪيا، ڀارتيا جنتا پارٽي جي صدر امت شاهه رام ناٿ کي مبارڪ ڏيندي چيو ته ان جي ڪاميابي تاريخي آهي، خيال رهي ته ڀارت جي موجوده صدر پرناب مکرجي جي مدت 25 جولاءِ تي مڪمل ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے