24 سومر , سيپٽمبر 2018

بلاول ڀٽي جي انگلش ڪرڪيٽ ليگ ۾ بهترين بالنگ

لنڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر بلاول ڀٽي انگلينڊ ۾ ڪرڪيٽ ليگ دوران بهترين بالنگ ڪرائيندي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽي اڄڪلهه انگلينڊ ۾ نارٿ اسٽافس اينڊ سائوٿ چيشائر ليگ کيڏڻ ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ هن هيم بيٿ جي نمائندگي ڪندي 53 رنسون ڏئي 6 رانديگرن کي پويلين موٽايو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٽيم اسٽون سي سي کي 22 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. 25 ورهين جو بلاول ڀٽي 10 ون ڊي، 9 ٽي ٽوئنٽي ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے