25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

والاريل ڪشمير جي سندري ديا ثنا حسن جي عالمي مقابلي ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي

سرينگر (ويب ڊيسڪ) وڪالت جي تعليم حاصل ڪندڙ ڄمون ڪشمير جي من موهڻي نوجوان ڇوڪري حسن جي عالمي مقابلي ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي. دعا ثنا، جنهن ايف بي بي ڪلرز ٽي وي فيمينا ۾ مس ڄمون ڪشمير 2017ع جو اعزاز حاصل ڪيو آهي، هاڻي اها ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور ۾ ٿيندڙ مس يونائيٽيڊ ڪانٽيننٽ 2017ع جي حسن واري مقابلي ۾ حصو وٺندي. دعا ثنا ان مقابلي ۾ هڪ خودمختيار رياست بدران ڀارت جي نمائندگي ڪندي، هن پروگرام ۾ دعا ثنا سميت دنيا جي 53 ملڪن، رياستن ۽ خودمختيار علائقن جون ڇوڪريون حصو وٺنديون. اهو مقابلو هر سال سيپٽمبر ۾ ڪرايو ويندو آهي. مس يونائيٽيڊ ڪانٽيننٽ 2016ع جو مقابلو ٿائلينڊ جي هڪ ڇوڪريءَ کٽيو هو. هن ڀيري مقابلي ۾ ڀارت، آمريڪا، وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جون حسينائون حصو وٺي رهيون آهن. دعا ثنا پنهنجي انسٽاگرام ۽ فيس بڪ تي تصوير جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته هوءَ 23 سپٽمبر تي ايڪواڊور ۾ ٿيندڙ عالمي مقابلي ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي. دعا ثنا جو چوڻ آهي ته سُٺيون شيون ۽ سُٺا موقعا روز روز ناهن ملندا، ان ڪري مان هن ڀيري اهو موقعو هٿن مان وڃائڻ نه ٿي چاهيان.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے