22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

فلم ”جگا جاسوس“ جي اداڪارا بديشا آپگهات ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) تازو رليز ٿيل فلم ”جگا جاسوس“ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪرڻ واري اداڪارا بديشا بيزباروا پکي ۾ لڙڪي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب 27 ورهين جي ڀارتي اداڪارا بديشا گذريل ڏينهن گڙ گائون ۾ پنهنجي فليٽ تي مئل حالت ۾ هٿ آئي. پوليس جو چوڻ آهي ته اداڪارا پنهنجي رئي سان پکي ۾ ڦاهو کائي حياتيءَ جو انت آندو آهي. ڀارتي ٽي وي جي ناليواري اداڪارا ۽ ڳائڻي بديشا ڪجهه ڏينهن اڳ رليز ٿيل رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف جي گڏ فلم ”جگا جاسوس“ ۾ نظر آئي هئي. فلم ۾ سندس اداڪاريءَ جي ڏاڍا ساراهه ڪئي وئي، جڏهن ته هوءَ اداڪاريءَ سان گڏوگڏ مختلف پروگرامن ۽ ريڊيو تي ميزباني جا فرض به انجام ڏئي چڪي آهي. اداڪارا جي پيءُ پنهنجي ناٺي تي الزام هڻندي چيو آهي ته منهنجي ڌيءُ آپگهات ناهي ڪيو پر سندس مڙس کيس اهو قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو. سندس چوڻ هو ته منهنجي ڌيءُ ۽ ناٺي وچ ۾ لاڳاپا سٺا نه هئا ۽ انهن وچ ۾ جهيڙو ٿيندو رهندو هو، جنهن سبب بديشا پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ جي خواهشمند هئي پر حالتون ايتريون خراب ٿي ويون جو منهنجي ڌيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے