20 خميس , سيپٽمبر 2018

اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب مسجد اقصيٰ جي امام سميت ڪيترائي زخمي

يروشلم (ويب ديسڪ): مسجد اقصيٰ ٻاهر اسرائيلي فوج سان چڪرين دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ قبله اول جي امام شيخ الڪريمي سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا، عرب ميڊيا موجب مسجد اقصيٰ جي باب الاسباط دروازي ٻاهر فلسطينين جو وڏو انگ نماز جي ادائگي لاءِ جمع ٿيو ته ان دوران اسرائيلي فوج انهن تي وحشياڻو تشدد شروع ڪري ڏنو، اسرائيلي فوج طرفان نمازين تي رٻڙ جي گولين جو استعملا ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مسجد اقصيٰ جي امام شيخ الڪريمي سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، فلسطيني هلال احمر موجب چڪرين جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن مان ڪجهه جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته امام مسجد اقصيٰ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ان جي طبيعت جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل معلوم ناهن ٿي سگهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے