19 اربع , سيپٽمبر 2018

بجلي جا ڪارخانا تيزي سان لڳي رهيا آهن، 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر 2018ع ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صنعت ۽ تجارت ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۾ بجلي جا ڪارخانا تيزي سان لڳي رهيا آهن، 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ بلڪل ختم ٿي ويندي. سڄي ملڪ  بجلي جي مختلف ڪارخانن جا افتتاح ڪري رهيا آهيون ۽ ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن. وزير اعظم چيو ته سي پيڪ ۾ دير جا ذميوار به اسان جا مخالف آهن، جيڪڏهن چيني وزير اعظم ڌرڻي جي ڪري دير سان پاڪستان نه اچي ها ته پاڪستان ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جو آغاز گهڻو پهرين ٿي چڪو هجي ها. 21 مهينن ۾ بجلي جا منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن اهو پاڪستان جي تاريخ جو پهريون واقعو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هتي رڳو بجلي ئي نه ايندي پر سستي بجلي ايندي، 2013ع ۾ بجلي جي لاڳت 15 رپيا في يونٽ هئي جيڪا هاڻ 10 رپين تائين اچي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ 8 رپيا في يونٽ تي اچي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے