22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم مني لانڊرنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث آهي، نااهل ٿيڻ جي لائق آهي: لطيف کوسا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف مني لانڊرنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث آهي، تاحيات نااهل هئڻ جي لائق آهي، آئين موجب ئي معاملي کي اٿاري رهيا آهيون، سپريم ڪورٽ جي 2 ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو هو جي آءِ ٽي رپورٽ سان ان جي موقف جي تائيد ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سردار لطيف کوسا سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  جي آءِ ٽي کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، ڌمڪين باوجود ديانتداري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ وزير اعظم پنهنجي ماسڙ کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو، حڪومتي وڪيل وٽ ڪو به جواب نه هو ان جي ڪارنامي جي ڪهاڻي نه ختم ٿيڻ واري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏک جي ڳاله آهي ته پاڪستان جو اهم اڳواڻ پرڏيهه ڪم ڪري رهيا آهن، وزير اعظم ۽ اسحاق ڊار ٻنهي کي نااهل قرار ڏنو وڃي.ئ

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے