21 جمعو , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم جي پٽن جي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ اڄ دليل ڏيڻ کان معذرت ڪري ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي پٽن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ ۾ اڄ دليل ڏيڻ کان معذرت ڪري ورتي. پاناما ڪيس جي ٽئين ڏينهن وزير اعظم جي وڪيل خواجا حارث پنهنجي دليل مڪمل ڪيا، ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ وزير اعظم جي پٽن حسن ۽ حسين جي وڪيل کي دليل ڏيڻ جي لاءِ چيو ته سلمان اڪرم راجا اڄ دليل ڏيڻ کان معذرت ڪندي چيو ته مان پنهنجا دليل سڀاڻي ڏيندس.  سلمان اڪرم راجا چيو ته بيني فشل مالڪ بابت دستاويز پيش ڪندس، جنهن تي جسٽس سعيد چيو ته اسان انهن دستاويزن کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ چاهيون ٿا، جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته دستاويز اڄ شام تائين توهان جي چيمبر ۾ پيش ڪندس ۽ هاڻ رڪارڊ ڏئي ميڊيا ۾ خبر نٿو بڻائڻ چاهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے