26 اربع , سيپٽمبر 2018

حڪومت ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي همت ناهي: نعيم الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته عمران خان پنهنجي گهر ۾ آهي حڪومت پوليس کي چئي ته وڃي ان کي پڪڙيو پر ان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار ڪرڻ جي همت ناهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي بڻجڻ تي وزير اعظم هائوس ۾ سازش تيار ڪئي وئي، فيصلو ٿيو ته هڪ پاسي جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻايو وڃي ۽ ٻئي پاسي عمران خان خلاف بيان بازي ڪئي وڃي. ن ليگ ڪجهه عرصي  کان بد زباني جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، وزير اعظم جي هدايت تي عمرنا خنا جي شخصيت ۽ ذاتي تي حملا ڪيا ويا، عمران خان خلاف عابد شير علي جيڪي لفظ چيا انهن جي مذمت ڪيون ٿا. حڪومت ۾ همت ناهي ته عمران خان کي پڪڙي سگهي، عمران خان گهر ويٺو آهي پوليس اتي وڃي هن کي گرفتار ڪري. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف پنهنجي وزيرن سان ڪوڙ ڳالهايو ته فليٽ 2005ع ۾ خريديا، ان جي وزيرن کي خبر آهي ته هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، ان ڪري انهن جي پنهنجي صفن ۾ ڏڦيڙ پکڙجي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپرا في يونٽ بجلي 1 رپيو 16 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي( نيپرا ) في …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے