24 سومر , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم ثبوت پيش نه ڪري سگهيا، سرڪاري وڪيل به سوچي رهيا آهن ته مٿي ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف تي الزام لڳا پر هو جي آءِ ٽي ۾ ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو، جيڪڏهن هو ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي اها ته ان جي ترجمانن کي رڙيون ڪري ڪري دفاع نه ڪرڻو پوي ها. سرڪاري وڪيل به سوچي رهي آهن ته مٿي وڃي ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي، نواز شريف گذريل ڏينهن به عدالت ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪيو. پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته منهنجي ويڙهه ڪرپشن جي خلاف آهي، سڀني جو احتساب چاهيون ٿا ۽ جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته پاڪستان ڪرپشن کان پاڪ ملڪ بڻجي ويندو. اسان کي اميد آهي ته عدالت مان قوم کي انصاف ملندو. سراج الحق چيو ته رڪارڊ ٽيمپرنگ تاريخ جو منفرد واقعو آهي ۽ سرڪار پاڻ ٽيمپرنگ ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ حڪمران پاڻ کي احتساب کان مٿانهان سمجهن ٿا. اڄ شريف خاندان جو وارو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسلامي معاشري ۾ ڪو به احتساب کان مٿانهون ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

2014ع ڌرڻو: لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ طاهر القادري جي خلاف فل بينچ قائم

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ 2014 جي ڌرڻي تي وزير اعظم عمران خان ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے