22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسپاٽ فڪسنگ: شاهه زيب حسن جي درخواست تي پي سي بي کان جواب طلب

لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر شاهه زيب حسن ڪيس جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڪرڪيٽر جي درخواست تي پي سي بي کان 24 جولاءِ تي جواب طلب ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي جي ايم ليگل افيئرز سلمان نصير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽربيونل ۾ ڪرڪيٽرن طرفان درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شاهدن جي پيش ڪيل لسٽ سان گڏ انهن جا بيان نه لڳايا ويا هئا، ان لاءِ هاڻي بيان جمع ڪرائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، ان کان علاوه شاهه زيب حسن طرفان ڪيس ۾ وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي. ٽربيونل پي سي بي کي 24 ڪرائم ايجنسي جي نمائندن اينڊريو ايف گريو جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو ڪنهن کي به معلوم ناهي، ٽربيونل پي سي بي کي به ان حوالي سان ڳالهائڻ کان منع ڪيو آهي، جڏهن ته ته تفصيلي شاهد ناهن ملندا، ان تي ڳالهائڻ جو فائدو ناهي. شاهه زيب حسن جي وڪيل ڪاشف رجوانه چيو ته اسان گواهن کي گهرائڻ جي درخواست ڏني آهي، ڪرڪيٽر طرفان ان جي گهر واري به گواهه طور پيش ٿيندي، درخواست تي پي سي بي جو جواب ڏسي وڌيڪ حڪمت عملي بڻائينداسين، شاهه زيب جي عارضي معطلي خلاف ڊعارضي معطلي خلاف ڊسپلنري پينل جي درخواست جي ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪاشف رجوانه ٻڌايو ته والد جي آپريشن سبب ٽربيونل ۽ پينل کان مهلت طلب ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے