25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چهري مان سڻڀ ختم ڪرڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خوبصورت نظر اچڻ لاءِ عورتون پنهنجي چهري تي خاص ڌيان ڏينديون آهن، انهن وٽ وقت هجي يا نه پر اهي چهري جي صفائي لاءِ ضرور وقت ڪڍنديون آهن. اهو فطرتي عمل آهي ته ڪنهن جو چهرو خشڪ ۽ ڪنهن جو وري سڻڀو هوندو آهي، اسان هتي ڳالهه ڪنداسين سڀڻي چهري وارين عورتن جي، جيڪي پنهنجي چهري مان سڻڀ ختم ڪرڻ لاءِ مختلف شيون استعمال ڪنديون آهن پر کين فائدو ناهي ٿيندو، اهڙين عورتن کي اسان هڪ سولو نسخو ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن تي عمل ڪري اهي به پنهنجي چهري مان سڻڀ ختم ڪري سگهن ٿيون.

شيون:

هڪ بيضي جي زردي

هڪ ليمي جي رَس

هڪ چمچو ماکي

طريقو:

سڀني شين کي چڱيءَ طرح مڪس ڪيو، جڏهن اهي ڪريم جي صورت اختيار ڪري وڃن ته پوءِ 15 کان منٽن تائين چهري تي ماسڪ جيان لڳائي ڇڏيو، ان کانپوءِ ٿڌي پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو. اهو عمل هڪ هفتي تائين جاري رکو ته نه رڳو توهان جي چهري مان سڻڀ ختم ٿي ويندو پر رنگ پڻ صاف ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے