21 جمعو , جولاءِ 2017

جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻي

سپريم ڪورٽ ۾ ڪالهه گڏيل جاچ ٽيم يعني جي آءِ ٽي طرفان پيش ڪيل پاناما ڪيس جي جاچ رپورٽ  جي ٻڌڻي ٿي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي کان اڳ وزيراعظم نوازشريف، سندس اولاد ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرائي پاناما ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

اعتراضن تي ٻڌل انهن درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل جاچ ٽيم پنهنجون حدون اورانگهيون ۽ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي، تنهن ۾ نام نهاد ثابتيون شامل ڪيون ويون آهن. تنهن ڪري هن رپورٽ کي ۽ شريف  خاندان خلاف درخواست کي رد ڪجي ٿو.  جوابدارن جي آءِ ٽي جي رپورٽ رد ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ گڏيل جاچ ٽيم کي جن تيرهن سوالن جا جواب معلوم ڪرڻ لاءِ چيو هو تن تي ڪجهه به ڪم ناهي ڪيو ويو ۽ ڪميٽيءَ پنهنجون حدون اورانگهيون آهن.

شريف خاندان ۽ ان جي وڪيلن رپورٽ جي جُلد 10 جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي استدعا به ڪئي. جيڪو جلد جي آءِ ٽي جي  درخواست تي سپريم ڪورٽ  ڳجهو رکڻ جو حڪم ڏنو هو. شريف خاندان جو چوڻ آهي ته جُلد ڏهين جي حوالي سان جي نوازشريف ڪا الڳ درخواست به ڏيڻ چاهي ته ان جي اجازت به ڏني وڃي.

ياد رهي ته جي آءِ ٽي  10 هين جولاءِ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته وزيراعظم ۽ سندس اولاد جنهن قسم جي زندگي گذاري رهي آهي، يا سندن رهڻي ڪهڻيءَ جو انداز سندن ڪمائي يعني آمدنيءَ جي ذريعن کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي.

جي آءِ ٽي جي رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي وڏين جماعتن پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن طرفان وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو  به زور وٺندو پيو وڃي. جڏهن ته وزيراعظم چار ڏينهن اڳ  وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ توڙي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ چئي چڪو آهي ته هو استعيفيٰ نه ڏيندو. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ الزامن، بهتانن ۽ مفروضن جو ڳٽڪو آهي.

پاناما ڪيس جي اهم ترين ٻڌڻين دوران ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ فريادين، پاڪستان تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ شيخ رشيد جي وڪيلن دليل ڏنا، جڏهن ته شريف خاندان جي وڪيل جا دليل شروع ٿيا ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملندي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن تي ٻڌل بينچ هيءُ ڪيس ٻڌي رهي آهي، جنهن جي سربراهي جسٽس اعجاز افضل خان ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ميمبرن ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ ۽ جسٽس اعجاز الحسن شامل آهن.

عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاريءَ پنهنجي دليلن۾ چيو ته جي آءِ ٽي طارق شفيع جو بيان غلط ثابت ڪيو. جڏهن ته گلف اسٽيل مل بابت شريف خاندان پنهنجي دعويٰ ثابت ڪري نه سگهيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز افضل جو چوڻ هو ته اسان کي قانوني حدن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻو آهي.

هونئن ته پاناما ليڪس  جو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي مانڌاڻ متو هو، پر سپريم ڪورٽ طرفان هن ڪيس جي ٻڌڻي ۽ شريف خاندان جي اثاثن جو پتو لڳائڻ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ ۽ انهيءَ گڏيل جاچ ٽيم يعني جي آءِ طرفان پنهنجي تفصيلي رپورٽ تيار ڪري 10 هين جون تي اعليٰ عدالت  ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ ملڪ اندر غير يقيني جي صورتحال ۾ ويتر اضافو ٿيو.  جي آءِ ٽي اڃا جڏهن پنهنجي رپورٽ پيش ئي نه ڪئي ته رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي شريف خاندان يعني حڪومتي ڌر  ان کي رد ڪري ڇڏيو هو. وفاقي وزير ۽ حڪمران جماعت يعني مسلم ليگ نواز جا اڳواڻ رپورٽ اچڻ کان اڳ توڙي پوءِ وڏي واڪ چوندا رهيا آهن ته حڪومت خاص ڪري وزيراعظم نوازشريف خلاف هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت سازش ٿي رهي آهي.

ملڪ اندر غير يقينيءَ جي اهڙي حالت ۽ ڪيفيت ۾ ڪالهه پاڪ فوج جي ترجمان يعني پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر ميجرجنرل آصف عفور چيو آهي ته جي آءِٽي سان فوج جو تعلق ناهي، هن چيو  ته جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٺهي، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جي ميمبرن پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان نڀايو آهي. هن چيو ته رپورٽ تي فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته سازش واري الزام جو جواز ئي نه ٿو ٺهي.

پاڪستان ۾ جيئن ته جمهوريت پاڙون پختون ناهي ڪري سگهي. تنهن ڪري جڏهن ڪو بحران يا سياسي ٽڪراءُ جنم وٺندو آهي ۽ ملڪ اندر اهڙي ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال جنم وٺندي آهي جو سمجهيو وڃڻ لڳوآهي ته ڪانه ڪا سازش ٿي رهي آهي. جيئن جمهوريت ختم ڪري سگهجي.

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جمهوريت ۽ آمريت جي ويڙهه توڙي محلاتي سازش جي تاريخ، هن ملڪ جيتري ئي پراڻي آهي پر انهن سازشن جو خاتمو صرف ۽ صرف جمهوريت جي جاري رهڻ جي صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. جنهن تي جيڪي به الزام آهن. سي قانون جي دائري ۾ آئين جي دائري ۾ رهندي چٽا ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪير ڏوهاري ثابت ٿئي ٿو ته اهو قانون موجب، سزا جو حقدار بڻجي ٿو، باقي مفروضن جي بنياد تي ڪاررواين سان شڪن ۽ انومانن جو جنم وٺڻ فطري آهي. جي آءِ ٽي جيئن ته پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾پيش ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ وري ڪيس جي ٻڌڻي به شروع ڪري چڪي آهي، تنهن ڪري بهتر ٿيندو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو ئي انتظار ڪجي.

اڱارو 18  جولاءِ  2017ع،  23  شوال 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ايندو؟

پشاور جي حيات آباد واري علائقي ۾ دهشتگرد ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جي ميجر سميت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي