24 آچر , سيپٽمبر 2017

سپريم ڪورٽ ۾ نواز ليگ جي اعتراضن جو چاڙهه

ڊاڪٽر ايوب شيخ

ڪالهه 17 جولاءِ تي هڪ هفتي کان پوءِ، سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف سميت سمورن ملزمن ” جي آءِ ٽي“ کي غيرقانوني سڏيندي ان کي رد ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته انهن کي اهو ڪيس ٻڌڻ جو اختيار نه هيو.

پاناما ملڪ جي آف شور ڪمپنين پاران سڄي دنيا ۾ ڌماڪو ٿيڻ کان پوءِ گذريل سال اپريل مهيني کان پاڪستان جي وفاقي سرڪار ۽ خاص ڪري حڪمران فيملي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي به اڳواڻ عمران خان جنهن نموني ان معاملي تي سياست ڪئي ۽ جنهن نموني ان کي چاڙهه ڏنو، جنهن نموني عوام، ميڊيا، عدالتن کي سرگرم ڪيو تنهن سان هڪ وڏو ڪم اهو ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ گذريل سوا سال کان هڪ ئي ڳالهه آهي ته ” پاناما ڪيس“ جي باري ۾ سپريم ڪورٽ ڇا ڪندي؟

سپريم ڪورٽ جو فيصلو:

سپريم ڪورٽ ان ڪيس کي کنيو. ان کي هلايو. ڪنهن به لوڪل ريل گاڏيءَ وانگر هڪ اسٽيشن کان ٻي اسٽيشن تي بيهندي، لڏندي لمندي وڌنڌي آئي. اوچتو سپريم ڪورٽ کي بريڪ لڳي ويو. سپريم ڪورٽ جي وڏي بينچ جنهن جي سربراهي تڏهوڪو چيف جسٽس انور ظهير جمالي ڪري رهيو هو تنهن 9 ڊسمبر تي اعلان ڪيو هو ته هاڻي ان جون ٻڌڻيون  نئين سال کان نئون چيف جسٽس ٻڌنڌو. نئون چيف جسٽس ثاقب نثار آيو ته هن وڏي بينچ بدران پنج رڪني ججن تي ٻڌل بينچ جوڙي ۽ اعلان ڪيو ته هو ان ڪيس کان پري رهندو،جڏهن ته ان ڪيس ۾ هن جسٽس امير هاني مسلم کي پڻ نه کنيو ته هو مارچ ۾ رٽائر ٿي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ ٻيهر ٻڌڻيون شروع ڪيون. پنجن ججن پنهنجو مختلف فيصلو ڏنو. ٻن ججن وزيراعظم کي نااهل ڪرڻ ۽ ٽن ججن وڌيڪ جاچ لاءِ ”جوائنٽ ايڪشڻ ڪميٽي“ ٺاهڻ ۽ ٻن مهينن ۾ جاچ پوري ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

جي آءِ ٽي رپورٽ :

10 جولاءِ ٽي 60 ڏينهن پورا ٿيڻ تي جي آءِ ٽي 10 جلدن تي ٻڌل رپورٽ پڌري ڪئي، جڏهن ته فيصلو پنجن صفحن تي ڏنو، جنهن ۾ سفارش ڏيندي اهو چيو ويو هو ته نئب ان معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري. جيڪي خاص خاص ڳالهيون ڪيون ويون سي هي آهن:

وزيراعظم جي دولت ان جي وسيلن کان ٿي آهي

  • نئب وزيراعظم ۽ سندس اولاد خلاف ريفرنس داخل ڪري
  • شريف ڪٽنب جيڪي به بزنيس ڄاڻايا آهن انهن ۾ نقصان ڪيو آهي، پوءِ به انهن وٽ جهجهي دولت جو هجڻ جاچ جوڳو آهي
  • قطري خط رڳو ”افسانو“ آهي ان جو حقيقت سان ڪوبه لاڳاپو ناهي
  • شريف خاندان وٽ آف شور ڪمپنيون مليون آهن.

ميان نواز شريف جا داخل ڪيل اعتراض:

17 جولاءِ تي ، ڪالهه، ميان نواز شريف جي وڪيلن سپريم ڪورٽ جي ”پاناما گيٽ“ تي شروع ڪيل ٻڌڻي ڪئي ته وزيراعظم ميان نواز شريف جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي رد ڪندي ان کي غيرقانوني سڏيو ۽ پنهنجا اعتراض داخل ڪيا. وڪيلن ان رپورٽ کي چيو ته اهو ”دوکو“ ۽ ”بدنيتي تي ٻڌل“ ڳٽڪو آهي، جنهن کي رد ئي ڪري سگهجي ٿو. وڪيل  خواجا حارث چيو ته ”. اها رپورٽ رڳو دوکو ناهي، پر ان کي ايئن ئي ٺاهڻ جو اڳواٽ دماغ ٺهيل هيو“

ان رپورٽ تي جيڪي خاص خاص ڳالهيون ڪيون ويون آهن سي هي آهن:

  • وزيرن ان رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ٺهرايو
  • ملزمن کان بيان ورتا ويا پر انهن کي بچاءَ جو حق نه ڏنو ويو
  • جي آءِ ٽي پرڏيهه ۾ جن ڪمپنين کان مدد ورتي اهي ڪمپنيون ۽ انهن جا نالا جڙتو ۽ گهمراهه ڪندڙ آهن. وقت ۽ قومي ناڻو تباهه ڪيو ويو. ان بنياد تي ڪوڙ ڪهاڻي جوڙي.
  • ڪنهن به ڪمپنيءَ کان تصديق ٿيل ڪاغذ نه ورتا ويا ۽ نه ئي اصل ڪاپيون هٿ ڪيون ويون.
  • آءِ ايس آءِ جي نمائيندي برگيڊيئر نعمان سعيد کي مقرر ڪيو ويو جيڪو ذڪر ڪيل الزامن وقت آءِ ايس آءِ جو ملازم به نه هيو.
  • جي آ3 ٽي جو سربراهه واجڊ ضيا جو سوٽ  اختر راجا کي جاچ لاءِ مدد ورتي ويئي جنهن جي ڪمپني ”ڪوئيسٽ لنڊن“ جو هو مالڪ آهي. قانوني طور ايئن ڪرڻ به خلاف قانون آهي.
  • جي آءِ ٽي جي ٻن ميمبرن بلال رسول جو واسطو تحريڪ انصاف ۽ عامر عزيز جو مسلم ليگ قيو سان آهي.
  • جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي جلد نمبر 10 کي ڳجهو رکيو ويو آهي. ان کي عام ڪيو وڃي ۽ ملزمن کي بچاءَ لاءِ ان جي ڪاپي ڏني وڃي.

ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ چئن فريادي ڌرين هر هڪ تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، شيخ رشيد پنهنجا دليل مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪئي ته ان فيصلي جي جاچ مڪمل ٿي ويئي آهي، جنهن ڪري ان تي ترت فيصلو ڏنو وڃي.

سپريم ڪورٽ جيڪا هاڻي ”قانون“ ۽ ”ساک“ جي ( باهه ۽ ڀت) جهڙي حالت ۾ اٽڪيل آهي، ان کي ان ڪيس جو فيصلو جلد ڪرڻو پوندو. ان فيصلي جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا اهو ته پوءِ ئي ٻڌائي سگهبو پر ڪالهوڪن داخل اعتراضن جي ڪري حڪمران نواز ليگ ۾ جان پئجي ويئي آهي. جيڪڌهن اهي اعتراض ۽ انهن جي صحت بهتر رهي ته پوءِ ميان نواز شريف تي اڳيون دٻاءُ ”چونڊون وقت کان اول ڪرائڻ جو هوندو“. گهڻين معنائن ۾ اهو سودو مهانگو نه هوندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ نوڪرين جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟

آغا نور محمد پٺاڻ مونکي هڪ دوست ٻڌايو ته هو نوڪري جيِ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي