22 بدھ , نومبر 2017

ساٿ ڏيڻ واري سوچ ڪيڏانهن وئي

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ

اسان جا مسورا سياسي، مذهبي، سماجي ۽ نظرياتي مسئلا،  اسان جي اڌورن ۽ اڻپورن وجودن ۽ نالي ماتر شخصيتن ڪري وڌيڪ مُنجهي پيا آهن. ڪا واڳ نه ٿي ملي ۽ ڪو دڳ نه  ٿو ملي، ان ڪري ته ماڻهو گهٽ ۽ پاڇا انهن جي تعداد موجب وڌيڪ ٿي چڪا آهن. ماڻهو پاڻ کي نه ٿو ڏسي، پنهنجي لياقت ۽ صلاحيتن تي نه ٿو ڀاڙي، پر ڪنهن نه ڪنهن جو محتاج، خادم ۽ نوڪر ٿيڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. عجيب زمانو اچي ويو آهي. چوندا آهن ته حسن ۽ عقل جي بک ڪنهن کي ڪانهي پر اڄ جهڙوڪ اها بک مٽجي چڪي آهي. ماڻهو نعوذ باالله ، پاڻ جهڙي مانهوءَ کي هر درد جي دوا، ڏاتار ۽ مقدار سنواريندڙ سمجهي چڪو آهي. جنهن جي گوڏن هيٺان ذريعا ۽ وسيلان آهن. ان جي پيرن هيٺان ماڻهن جون منڍيون ۽ ۽ سسيون آهن. ماڻهن پان کي محتاجين ۽ مجبورين جي زنجيرن ۾ جڪڙي پنهنجي حسن ۽ عقل جي ميراث تان هٿ کڻي، هر انهي ماڻهوءَ اڳيان جهڪي پئيٿو، جنهن جي هلي پڄي ٿي ۽جيڪو جهڙو اڇي ڪاري جو بي تاج بادشاهه بڻجي چڪو آهي. ماڻهو نسبتون ان سان رکن ٿا، رغبتون ان سان رکن ٿا. ايتري قدر جو سندس پوجا ڪرڻ تي لنگ ٻڌي بيهي رهن ٿا. نسورو غلاميءَ جو دورو آهي. جنهن کي اسان پنهنجي عزت ۽ عظمت جو ڪارڻ ۽ واحد ذريعو سمجهي ويٺا آهيون.

هاڻي جڏهن ماڻهو گهٽجي وڃن ۽ پاڇا وڌي وڃن پوءِ جيڪي آڱرين تي ڳڻجڻ جيترا ماڻهو وڃي بچن ته انهن جي اڪثريت غلاميءَ ۾ شان ۽ مان پاڻي، انهن کان خدا وسري وڃي ۽ خدا جي جاءِ تي وسيلن ۽ ذريعن وارن کي سڀ ڪجهه ڄاڻن ۽ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ سوچي به نه ٿو سگهجي.هيءَ صورتحال اسان جي سماجي ۽ نظرياتي مفڪر اڳيان سوال بڻجي ڇو نه ٿي اچي ته سنڌ ۾ وڏي کان وڌيڪ ۽ سنگين مسئلو انسان سازيءَ جو آهي. اڌوريون ۽ اڻپوريون شخصيتون هالتن م مثبت تبديلي ڪڏهن به آڻي نه ٿيون سگهن. لطيف سائين فرمايو هئو ته ” ڪوڙو تون ڪفرسي، ڪافر ڪيم سڏاءِ، اڄ ڪو هجي، جيڪو اسان کي چئي ته جيڪڏهن ماڻهو ناهيو ته پوءِ پاڻ کي ماڻهو ڇو ٿا سڏايو؟ جڏهن اسان ڪامل مڪمل ۽ بهتر فرد ئي ناهيون ته پوءِ منظم ۽ مضبوط قدم ڪيئن ٿي سگهون ٿا؟

وڏڙا چوندا هئا ته ” قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني  اها به هوندي ته قرآن شريف اڏري ويندو“ هنن اصطلاحي چوڻيءَ مان سندن مقصد اهو هوندو ته قرآن شريف ته هوندو، پر ان تي عمل ڪرڻ وارا نه هوندا. اهي وڏڙا جيڪڏهن هاڻي هجن ها ته چون ها ته ” قيامت“ اچي وئي آهي. ڇو ته هر ڪا شيءَ اڏري وئي آهي. ماڻهن مان ماڻهپو اڏري ويو آهي. ڪتابن مان علم اڏري ويو آهي. انسان، دوست قدر نظريا ۽ اصول اڏري ويا آهن. ماڻهن پاڻ کي ڇڏي ٻين کي سڀ ڪجهه ڄاڻڻ شروع ڪيو آهي ۽ الله جي بدران پنهنجا پنهنجا الاهه ٺاهي ويٺا آهن.

اسان قوم نه پر ماڻهن جا اهڙا هجوم بڻجي ويا آهيون، جنهن پاڻ ۾ ڪو رشتو، ناتو ۽ تعلق ڪونهي، هر ڪو اهڙي طرح پنهنجي ڌن ۾ مگهن آهي، جو ٻئي ڪنهن سان سواءِ مطلب، لالچ ۽ غرضن جي ڪو واسطو ئي ڪونهين. ڪم لٿو ۽ ڊکڻ وسريو، وري اتان اڏري ويندو ۽ سندس پتو ئي ڪو نه پوندو.

دهشتگر ڀريئي درياهه ۾ اڻ تارون ماڻهو ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ هٿ پير هلائيندو پر مردي بي جان کي ويرون جاڏي  چاهينديون  پيون ڦيرائينديون. زندهه  ماڻهو جيڪڏهن بي حس آهي، ان ۾ موٽ ڏيڻ، جواب ڏيڻ ۽ هٿ ۾ هٿ ملائڻ جي طبيعت ناهي ته اهو ” زندهه لاش “ آهي. سچ پڇو ته اسان ” زندهه لاشن“ واري قوم بڻجي چڪا آهيون يا اسان آهيون ته  هجومن ۾ پر، ويجهي هوندي به هڪ ٻئي کان گهڻو پري اڏري ويا آهيون. سنڌ، بي حسيءَ ۽ عدم دلچسپي ۽ اسهڪاري صورتحال هن طرح ڪڏهن ۽ ڪنهن به دور ۾ ڪا نه ڏني، اهو ئي سبب جو اسان ڪنهن جي دانهن ڪوڪو ڪونه ٿا ٻڌون. ڪنهن سان هٿ ونڊائڻ لاءِ تيار ناهيون. ڪنهن جي اوکئي ۾ سوکي ڪرڻ لاءِ واڪ ئي ڪو نه ٿو ٿئي. اسان مان نه ڪنهن سڄڻ کي آسرو ۽ نه ڪنهن دشمن کي ڊپ، ها، پوءِ پر ماريت ۾ ايمان هوندو ڪنهن کي دوکي ڏيڻ ۾ مزو ايندو.

اڄ اهو زمانو اچي ويو آهي جو جيڪڏهن اوهان ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ چاهيندا ته اوهان کي سوين سوال پڇيا ويندا، شڪ گمان ڪيا ويندا. جيڪڏهن ڪنهن سان چڱائي ڪري چڪا هوندا ته پوءِ ان جي شر کان اوهان کي هر گهڙيءَ ۽ هر پلڪ پناهه گهرڻي پوندي. اوهان کي وڏو خطرو ۽ وڏو نقصان هن کان ئي ملندو. سبب اهو  آيو ته اسان مان ڪيترن  جو ماڻهپو ئي اڏري ويو آهي.

جڏهن اسان قومي ۽ اجتماعي ڪم هٿ ۾ کڻون ٿا ته اڏري ويل انسانن جي هن قوم مان ڪي به  ساٿ ۽ سهڪار نه ڏيندو، هر ڪو اسهڪاري آدم زادو نظر ايندو يا ٽريفڪ  جو اهو پوليس وارو، جيڪو مسافر کي لڳ لائڻ بدران انهيءَ انتظار ۾ لڪي پاسو ڪري بيهندو آهي ته ڪو ٽريفڪ جي قانون جي ڀل ۾ ڀڃڪڙي  ڪري ويهي يا ون وي تان پل ۾ گذرڻ جي ڪوششڪري ته سندس ڳچي پڪڙي ڏنڊ واڳاڙي يا خرچ ڪڍي وٺجي، قومي ا ۽ اجتماعي ڪم ڪريو، ڪو مدد نه ڪندو ۽ سهڪار نه ڪندو پر ڪا اوهان کي ڪا معمول سهو ٿي وئي ته پوءِ اوهان لاءِ رڻ ٻاري ڇڏيندو. مغربي ملڪن ۾ ماڻهو انسان کي ته ڇڏيو پر حيوانن ۽ جانورن کي به ڳولهي وڃي مدد ڪندا هن، ڪي خفتي نڪرندا ۽ ٻي بابتنن جو مهن ڪندا.  ڪنهن نانگ بلالي مرڻهارڪو ڏسندا، اتي جو اتي ان جي دوا  درمل جو بندوبست ڪندا.

اسان جو  وري حال اهو آهي تته ڪو چڱو ڪم ڪندو ۽ اجتماعي قومي ڪم ڪندو ته اسان کيس اڪيلو ۽ ننڌڻڪو ڪري ڇڏينداسين ۽ سندس رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪنداسين. هن سان دشمنيون ڪنداسين. مان پنهنجي قوم جي عاقلن، بالغن، نام نهاد علم  ڌڻين ۽ قلم ڌڻين جي اهڙن روين جو نه رڳو عيني گواهه آهيان پر سندس  بي حسيءَ  ۽ اسهڪاري روين جو ڌڪيل ۽ زخمي ٿيل پڻ آهيان. اوهان آمريڪي صدر ڏي خط لکو. هن طرفان اوهان کي جواب ملندو پر پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪنهن نام نهاد، ڏاهي، دانوشور، مدبر ته ڇا ليڪن  سيکڙاٽ ليکڪ، شاعر، سماجي يا سياسي ڪارڪنن کي خطن پٺيان خط لکو. نياپن پٺيان، نياپا ڪيو. بحال جو اوهان کي ڪو جواب ملي، ڪو قرب ڪري پهنجو نالو ٻڌائيندو ته پيءُ جو نالو ڪو نه ٻڌائيندو، ڪو ذات ٻڌائيندو ته ڪو ڄمڻ جي تاريخ نه ٻڌائيندو. مان زندهه رهڻ لاءِ پنهنجي مانيءَ ٽڪي کان وڌيڪ خرچ اهڙي معلومات وٺڻ لاءِ خرچ ڪندو آهيان. هزار ماڻهن پٺيان ڪو هڪ اڌ معلومات ڏيندو ۽ باقي ٿيو خير. هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو جو اسان پنهنجي علم، عقل، ساٿ ڏيڻ واري سوچ سان گڏ اڏري ويا آهيون.. آهي ڪو جو انهن اڏري  ويل ولرن کي واپس ڪري؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڍڳو پير پيران واري ڪارڪردگي

شبير سوڍڙو چئبو ته اسان جي تعليم ترقي پئي ڪري يا اڳتي وڌڻ بدران  پير پوئتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے