22 بدھ , نومبر 2017

پاناما ڪيس آخري ۽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل

دوست  حفيظ چنا

پاناما ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪالهه پهرين سماعت ٿي . گذريل هفتي 10 جولاءِ تي مشترڪه تحقيقاتي ٽيم (جي آءِ ٽي)  شريف خاندان جي اثاثن جي حوالي سان پنهنجي تحقيقاتي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي هئي ان موقعي تي سموري اسلام آباد خصوصن ريڊزون واري علائقي ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا هئا . ريڊزون ۾ ڪنهن به اڻ لاڳ اپيل ماڻهو کي نه پئي ڇڏيو ويو جڏهن ته ڪيس جي ڌرين ۽ ميڊيا کي پاس جاري ڪيا ويا هئا. ان موقعي تي صرف ريڊزون واري علائقي ۾ اٽڪل 700  پوليس ۽ رينجرس جا اهلڪار  سيڪيورٽي جي ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيا هئا. اڄ جي سماعت سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جنهن جي سربراهي جسٽس اعجاز افضل ڪري رهيو هئو جڏهن ته جسٽس عظمت سعيد جسٽس اعجاز الحسن بئنچ جا ميمبر هئا. اڄ جي سماعت جي موقعي تي حڪومتي جماعت مسلم ليگ ن ۽ ڌرين سميت اپوزيشن جماعتن جا رهنماءَ پڻ موجود هئا.

اڄ جي سماعت مان ائين لڳو ته حڪومتي جماعت جو گهيرو تنگ ٿيندي نظر آيو ، سماعت شروع ٿيڻ کان پهريان شريف خاندان جي وڪيل خواجا حارث شريف خاندان طرفان جي آءِ ٽي رپورٽ تي اعتراض جمع ڪرايا جنهن ۾ هن اهو موقف ڄاڻايل هئو ته جي آءِ ٽي جو رويو غير منصفاڻو هئو  ۽ پنهنجي اختيارن ۾ واڌارو ڪيو لهذا عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪري .

سڀ کان پهريان پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري عدالت ۾ پنهنجا دليل پيش ڪيا هن چيو ته جي آءِ ٽي طارق شفع جو بيان غلط ثابت ڪيو آهي هن چيو ته گلف اسٽيل مل وڪرو نه ٿي ان بابت شريف خاندان پنهنجو موقف ثابت نه ڪري سگهيو آهي ۽ الثاني خاندان جي 12 ملين درهم واري حوالگي پڻ ثابت نه ٿي سگهي ، نعيم بخاري اهو پڻ چيو ته گلف اسٽيل مل 33 ملين درهم ۾ وڪرو نه ٿي جنهن جي وڪري جي يو اي اِي  وزارت تصديق نه ڪئي ، مريم نواز جي حوالي سان هن چيو ته ٽرسٽي هجڻ لاءِ ضروري هئو ته مريم نواز وٽ بيريئر سرٽيفڪيٽ هجن هان تحقيق اهو به ثابت ڪيو ته مريم نواز اصل سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪيا فرانزڪ ماهرن ٽرسٽ ڊيڊ جي فونٽ تي به اعتراض ڪيو آهي ٽرسٽ ڊيڊ ۾ استعمال ڪيل فونٽ 2006ع ۾ متعارف ئي نه ٿيو هو  جنهن تي جسٽس اعجازالحسن سوال پڇيو ته ڇا دستاويزن جي ڪاپي تصديق شده آهي جنهن تي نعيم بخاري چيو ته نه غير تصديق شده بلڪه  دستاويز جعلي آهن . هن اهو پڻ چيو ته نوازشريف اسيمبلي ۾ اثاثن جا تفصيل ٻڌائيندي ڪٿي به قطري سرمايا ڪاري جو ذڪر نه ڪيو هو ان عدالت کي ٻڌايو ته حديبيه ڪيس جي فيصلي ۾ ڪٿي به قطري خاندان جو ذڪر ڪونهي جڏهن ته قطري ورڪ شيٽ تي نه تاريخ هئي نه ئي ريئل اسٽيٽ بزنس سان ان جو تعلق هو . پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ مطابق قطري شهزادي جو بيان وٺڻ ضروري ناهي قطري شهزادي پاڪستاني قانوني اختيار مڃڻ کان پڻ انڪار ڪيو جڏهن ته جي آءِ ٽي ان کي چار خط لکيا هن چيو ته جي آءِ ٽي قطري خط کي هڪ افسانو قرار ڏنو آهي .

جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ لنڊن فليٽن کي مريم نواز جي ملڪيت قرار  ڏنو آهي ۽ اهي شروع کان شريف خاندان وٽ رهيا آهن.

سماعت دوران جسٽس اعجاز الحسن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ مطابق قطري سرمايه ڪاري لاءِ رقم ئي موجود نه هئي شهباز شريف  جي آءِ ٽي  سامهن بطور شاهد پيش ٿيو ان جو بيان صرف تضاد جي نشاندگي طور استعمال ٿي سگهي ٿو جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته اسان کي قانوني حدن ۾ رهندي فيصلو ڪرڻو آهي. عدالت ۾ 30 منٽن جي وقفي بعد ٻيهر سماعت شروع ڪئي وئي پي ٽي آءِ جي وڪيل پنهنجا رهيل دليل پيش ڪيا هن عدالت کي ٻڌايو ته حسن ۽ حسين نواز جي بيانن ۾ پڻ تضاد آهي شريف خاندان وٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا آهن جنهن جي جي آءِ ٽي جي رپورٽ تصديق ڪئي آهي . جي آءِ ٽي اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي اثاثن جو پڻ جائزو ورتو آهي جيڪي پڻ انهن جي آمدني کان وڌيڪ آهن نعيم بخاري چيو ته جعلي دستاويز پيش ڪرڻ تي نواز شريف تي فوجداري ۽ نيب جو مقدمو ٿيڻ گهرجي نعيم بخاري آخر ۾ عدالت کي گذارش ڪئي ته نواز شريف کي عدالت ۾ گهرائي ان کان سوال جواب ڪيا وڃن.

جماعت اسلامي جي وڪيل توفيق آصف چيو ته نواز شريف جي آءِ ٽي سان تعاون نه ڪيو ۽ اسيمبلي خطاب ۾ سچ نه ڳالهايو . جنهن بعد شيخ رشيد دليل پيش ڪيا هن جي آءِ ٽي ٽيم جي تعريف ڪئي هن عدالت کان سوال ڪيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ کان پوءِ باقي ڪيس ۾ ڇا رهيو آهي ؟ هن چيو ته جنهن عمر ۾ اسان جو شناختي ڪارڊ نٿو  ٺهي ان عمر ۾ انهن جا ٻار  ڪروڙين رپيا ڪمائن ٿا، اهي ٻار نواز شريف جا آهن يا حميد ڊينٽر جا ؟ رپورٽ بعد اسانجو ته نڪ وڍجي ويو ته اسانجو وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر نوڪري به ڪري ٿو . قوم انصاف چاهي ٿي .

شريف خاندان جي وڪيل خواجا حارث ٻه درخواستون دائر ڪيون هيون هڪ رپورٽ مان جلد 10 جو غائب ٿيڻ ٻئي جي آءِ ٽي رپورٽ تي اعتراض جنهن ۾ موقف هئو ته جي آءِ ٽي عدالتي حڪمن کان وڌي وئي هئي جنهن تي  جسٽس عظمت سعيد خواجا حارث کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته پنهنجي لفظن جي بهتر چونڊ ڪيو.

وزير خزانا اسحاق ڊار طرفان پڻ جي آءِ ٽي رپورٽ تي اعتراضي درخواست جمع ڪرائي وئي.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ سماعت (اڄ) تائين ملتوي ڪئي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سمورن سياسي رهنمائن وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. فيصلي جون آخري گهڙيون آهن ڏسجي ته (اڄ) ڇا ٿو ٿئي ؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڍڳو پير پيران واري ڪارڪردگي

شبير سوڍڙو چئبو ته اسان جي تعليم ترقي پئي ڪري يا اڳتي وڌڻ بدران  پير پوئتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے