22 بدھ , نومبر 2017

هي تڪرار ڇا تي آهي؟

محمد علي لغاري

2013 ع جي اليڪشن دوران اهي چوٻول پڻ هليا هئا ته ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقت رکڻ سبب ملڪ اسد ڄامشوري ضلعي ۾ پنهنجي هلائڻ چاهي هئي، جنهن ۾ هو ڪامياب پڻ ويو هو. ۽ مجبورن پيپلز پارٽي کي ٻه صوبائي سيٽون پڻ ملڪ اسد جي حمايت يافته ايم پي ايز کي ڏيڻيون پيون هيون. ملڪ اسد پاڻ اين اي 231  ڪوٽڙي تان 2013ع  کان  ايم اين اي چونڊيل آهي. جڏهن ته هن 2013ع واري اليڪشن دوران سيوهڻ تعلقي جي صوبائي تڪ ۾ پڻ دخل ڏيڻ چاهيو هئو جنهن سيٽ تان وڏو وزير سيد مراد  علي شاهه چونڊيل آهن. ان وقت کان وٺي ملڪ اسد ۽ پيپلز پارٽي ۾ سرد مهري پيدا ٿي هئي ۽ اڄڪلهه جيڪو ٿي رهيو آهي اهي ان جا پڙاڏا آهن. ملڪ اسد جي طرز سياست پيپلز پارٽي جي بلڪل ابتڙ رهي آهي، ملڪ اسد جي سياست ۾ سرداري واري جهلڪ ۽ دٻدٻو نظر ايندو آهي، پنهنجي پارٽي جا حڪم وقتن فوقتن ٿڏيندو رهيو آهي.اها به حقيقي ڳالهه آهي ته ضلعي ۾ اثر رسوخ سبب پيپلز پارٽي کي ٻه ٻه صوبائي سيٽون ۽ هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. اڄڪلهه برساتن سبب ضلعي ڄامشوري توڙي سموري سنڌ ۾ گرمي جو روز ٽٽي چڪو آهي جڏهن ته  سياسي ماحول گرم ٿي ويو آهي ۽ حالتون پيپلز پارٽي جي حق ۾ وڃي رهيون آهن. ٿرپارڪر ۾ ارباب گروپ جو هڪ اهم شخص ارباب لطف الله پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ وارو آهي ۽ ڪراچي مان ناز بلوچ واپس پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري چڪي آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين اوچتو پيپلز پارٽي ۽ ملڪ اسد جي وچ ۾ شروع ٿيل  تڪرار هن وقت چوٽ چڙهي چڪا آهن.

ملڪ اسد جي اثر واري علائقن ۾ سمورا ايس ايڇ اوز ٽائون آفيسر ۽ سندس حامي آفيسر بدلي ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٻن مهينن دوران ٽي ڊپٽي ڪمشنر پڻ تبديل ٿي چڪا آهن. تڪرار جي ظاهري سبب هي ڄاڻايا پيا وڃن ته ضلعي ۾ آفيسرن، ڪامورن جي مقرري ۽ بدلي سبب هي تڪرار شروع ٿيو آهي. پر اصل ۾ هي تڪرار وڌ کان وڌ ڏوڪڙ ڪمائڻ تان شروع ٿيو آهي دراصل ڪراچي جي زمينن کانپوءِ ضلعي ڄامشوري جون زمينون قيمتي آهن. جيڪي ڄامشورو ڪراچي سپر هاءِ وي جي ٻنهي پاسن تي ڦهليل آهن جن جون قيمتون اربن کربن ۾ آهن. ڄامشوري کان ڪراچي تائين پکڙيل ڪوهستان جي هنن زمينن تي مختلف برادريون رهن ٿيون جن ۾ پالاري ۽ برفت برادري جو وڏو ووٽ بئنڪ آهي جيڪي ملڪ اسد جا حامي ۽ ووٽر آهن. ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب ملير ويجهو ڄامشوري ضلعي ۾ رهندڙ ڪاڇيلا برفت برادري جي ڳوٺن تي پوليس چڙهائي ڪري ڪجهه گهر ڊاهيا ۽ ڳوٺ خالي ڪرڻ جو چيو ويو ته هي زمينون هڪ بلڊر خريد ڪيون آهن جنهن تان ملڪ اسد ۽ سنڌ حڪومت ۾ اختلاف شروع ٿيا آهن. جنهن تان پيپلز پارٽي ملڪ اسد تي ڏمرجي پئي آهي ۽ ملڪ اسد کي سکيت ڏيڻ لاءِ ان جي حامين خلاف ڪارروايون شروع ڪيون آهن پهرين مرحلي ۾ ملڪ اسد جي ماڻهن جا ريتي ۽ بجري جا غير قانوني پنجاهه کان وڌيڪ دڪا ۽ ناڪا بند ڪرايا ويا آهن جيڪي سالن کان ملڪ سردار جي آشيرواد سان هلندڙ هئا، سندس حامي ڪامورا شاهي جي بدلي پڻ ٿي آهي ايس ايڇ اوز کان ويندي ٽائون آفيسرن جو بدليون ٿيون آهن. جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ سندس حامين جون سپر هاءِ وي ۽ ڄامشورو سيوهڻ روڊ تي رهائشي اسڪيمون ڊاهڻ شروع ڪيون آهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پوليس جي مدد سان  تقريبن ڇهه اسڪيمن جون آفيسون ڊاهي پٽ ڪيون آهن. جڏهن ته رهيل غير قانوني اسڪيمن کي ڊاهڻ لاءِ مشينري پهتل آهي ۽ حڪم جي منتظر آهي. ٽئين مرحلي ۾ وري ملڪ سردار جي ووٽ بئنڪ کي گهٽائڻ لاءِ ٿاڻو بولا خان جي چار ديهن کي جن ۾ ديهه اٺ پلاڻ، ديهه ٻٻر بند ،ديهه هٿل بٿ ۽ ديهه مول کي ملير ۾ شامل ڪرڻ تي سوچ ويچار ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف وري ملڪ  اسد جي حامين جو به وڏو تعداد گذريل ٽن ڏينهن کان لمس اسپتال لڳ ملڪ اسد جي هائوسنگ اسڪيم وٽ ايم پي اي فقير داد کوسي جي اڳواڻي ۾ مزاحمتي ڪيمپ هڻي ويٺل آهن. فقير داد کوسو ميڊيا ۾ ڌڙا ڌڙ بيان بازي ڪندي چئي رهيو آهي ته هي سڀ ڪارروايون سنڌ حڪومت ڊاڪٽرسڪندر شورو ۽ ڄام خان شورو ڪرائي رهيا آهن جيڪي کين پارٽي کان الڳ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ملڪ سردار اسد هن سڄي مامري دوران منظر عام تان گم آهي، علائقي ۾ اهي چوٻول هلي رهيا  آهن ته هاڻ ملڪ سردار جو پيپلز پارٽي ۾ رهڻ محال آهي. هوڏانهن پيپلز پارٽي ڪوهستان ۾ ملڪ اسد جي ماسات ۽ علائقي ۾ ٻئي نمبر تي اثر ۽ طاقت رکندڙ شخص ملڪ چنگيز کي پارٽي ۾ شامل ڪرائڻ جا جتن ڪري رهي آهي. ملڪ چنگيز 2013 ۾ نون ليگ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهيو هئو ۽ اوڻيهه هزار وٽ کڻي پيپلز پارٽي جي اميدوار کان هارائي ويو هو. مال ميڙڻ تان شروع ٿيل هي جهيڙو جيڪو ظاهري طور ته ڪجهه پهرين ظاهر ٿيو آهي پر حقيقت ۾ اختلاف  2013 جي اليڪشن دوران پڻ  شروع ٿيا هئا. پيپلز پارٽي کي مجبورن ملڪ اسد جا مطالبا منظور ڪرڻا پيا هئا. پر پيپلز پارٽي سيد مراد علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ته ان جي پويان ٻه مقصد هئا هڪ ته سنڌ ۾ طرز حڪومت کي بهتر ڪرڻ  ۽ ٻيو وري ملڪ اسد کي ضلعي ڄامشوري ۾ ڪمزور ڪري ان جو اثر گهٽائڻ . ان ڪري ئي سيد مراد علي شاهه وڏو وزير ٿيڻ بعد پنهنجي ڪابينا ۾ ملڪ اسد جي حمايت يافته ٻنهي  ايم پي ايز کي ڪابينا ۾  شامل نه ڪيو.جڏهن ته شورا گروپ جي اڳواڻ ڄام خان شوري کي وزير بلديات طور سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ٻئي طرف وري ضلعي ڄامشوري ۾ پيپلز پارٽي جي صدارت ڊاڪٽر سڪندر شوري کي ڏني وئي.. جڏهن ته اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڄامشوري جي 800 ايڪڙ زمين بااثرن پاران مقامي ماڻهن کان ڀڳڙن جي مٺ تي خريد ڪري بلڊرن کي وڪڻي وئي آهي. هي سڀ ڳالهيون ان ڳالهه کي ظاهر ڪري رهيون آهن ته  وڏن رئيسن ۽ سردارن ۾ هي جهيڙو دراصل مال ميڙڻ تان آهي ڪوهستان جون ڪروڙن جون زمينون  سڀ ڪو ذاتي طور پنهنجي معرفت وڏن بلڊرن کي ڏيڻ چاهي پيو . جڏهن ته عوام جي لاڀ لاءِ ڪير ڪجهه نه پيو ڪري  . پيدا ٿيل هن صورتحال ۾ ضلعي ڄامشوري جو عوام سياسي طور ٻڏتر جو شڪار آهي سڄي ضلعي ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي، روز نوان اڦواهه نيون ڳالهيون  ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيون آهن. ضلعي جي هن صورتحال تي عوام جو هي سوال آهي ته ڇا هي جهيڙو واقعي عوام لاءِ آهي يا پنهنجي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڍڳو پير پيران واري ڪارڪردگي

شبير سوڍڙو چئبو ته اسان جي تعليم ترقي پئي ڪري يا اڳتي وڌڻ بدران  پير پوئتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے