21 جمعو , جولاءِ 2017

سنڌ واسين جي پيئڻ لاءِ گٽر جو پاڻي ڇو؟

عبدالقدير ميمڻ

پاڻي زندگي آهي ، اهي نعرو يا لفاظي ناهي بلڪه اها قدرتي آفاقي ۽ سائنسي طريقي سان ثابت آهي ته صاف پاڻي ئي زندگي آهي. سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ جا ادارا ، قانون ۽ ان جي حاصلات لاءِ سسٽم ۽ مخصوص بجيٽ سنڌ جي مڪاني ادارن ۾ مقرر هوندي آهي ته اهي عوام کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مهيا ڪري ڏين ، پر هتي اهو ڪم ان قانون ۽ اخلاقن جي ابتڙ هلي رهيو آهي.

سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ 90 سيڪڙو پاڻي گٽرن جو استعمال ٿئي ٿو ، سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پاڻئ اندر ڪرپٽيءَ جا جزا موجود آهن ، بغير ڪلورنيشن جي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي !!  هي انتهائي ڇرڪائيندڙ رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪميشن جي ٽاسڪ فورس جوڙي پيش ڪئي آهي ، جنهن جي آڌار تي اخلاقن پهرين سيڪٽرين ، وزيرن ۽ ذميوارن کي انهيءَ پاڻي ۾ وهنجاري پاڪ صاف عوام جهڙو برابر ڪيو وڃي ها ، تنهن بعد انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ها. سنڌ اندر ، ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ جو آسان طريقي واري سازشن تي عمل ٿي رهيو آهي ته پهرين انهن کان تعليم ۽ ڄاڻ کسيو ، بعد ۾ گندي پاڻي ۽ غربت ۾ کين بيماريون ڏئي صحت جون سهوليتون پڻ ان کان پري ڪيون وڃن ته جيئن سنڌ جي آباديءَ ۾ آسانيءَ سان ڪمي اچي وڃي. انهيءَ سموري صورتحال ۾ عوام ڄاڻي ٿو ته ڪورٽ سڳوري ته صرف نشاندهي ۽ رپورٽن تي هلي وڌ ۾ وڌ آرڊر جاري ڪري سگهي ٿي پر ڪم ته حڪومت ۽ حڪومتي ادارن جو ڪم آهي ته هو عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري ڏئي، جڏهن ته بيورو ڪريسي ڪورٽ ۾ پنهنجي نااهليت ۽ پاور نه هئڻ جا بهانا ۽ ڏٽا ڏئي ڪورٽ سڳوري کي پنهنجي مقصد سان ٽڙڪائي وڃي ٿي ۽ اهي مٿن الزام هوندي به باعزت ئي رهن ٿا ۽ هر سزا ۽ جزا کان بالاتر آهن. پوءِ اهڙي طريقي سان ڪورٽ سڳوري ڀلي ڪيس هلائي پورو ڪري پر ، جيڪڏهن حڪومت ۽ ادارن جي سچائي ئي موجود ناهي ته پوءِ انهيءَ جو نتيجو ته اهو ئي روايتي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ، جيڪو هن ملڪ ۾ قانون جي فيصلن جي برعڪس ڏهاڪن کان ٿيندو پيو اچي ، جن کي ڪورٽ ، قانون ۽ سزا جو ڪو به ڊپ ڊاءُ ئي ناهي رهيو۽ ڪم ايئن ئي هلندو رهي ٿو ، جنهن سان سسٽم ۽ عوام تباهه ۽ برباد ٿيندو رهي ٿو.

سيڪريٽريز ، وزير ۽ آفيسر پنهنجن ڌنڌن وارين لگزري آفيسن مان نڪري سنڌ جي شهرن ۾ نڪري ڇو نٿا اچي مسئلا مشڪلاتون ڏسي ڪري عوام کي در تي انصاف ۽ سهوليتون مهيا ڪري ڇو نٿا ڏئي سگهن ؟

ڇا سندن وسيلا محدود آهن ؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ واٽر ڪميشن ۾ جيڪي ٽاسڪ فورس رپورٽون خصوصن هينڊ پمپ ، نلڪن ۽ ٽوٽين مان پاڻي جا نمونا ورتا آهن ، اهي منهنجي خيال مطابق اڪثر ٽيڪنيڪلي بنيادن تي غلط ورتا ويا آهن ، ٽاسڪ فورس اهي لوازمات ناهن پورا ڪيا جن سان پاڻي جي نموني يعني نسخي ۾ ڪرپٽيءَ جا ذرا ۽ جراثيمن جون ڪالونيون اچي ويا آهن.

هتي انهن هينڊپمپ يا نلڪن جي پاڻيءَ ۾ ڪرپٽي ۽ جراثيمن جي هئڻ جو ذڪر ڪيو آهي ، جٿي گٽر لائين به ناهن. اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته زير زمين جٿي گٽر لائين به ناهي ته اتي نلڪي جي پاڻيءَ ۾ جراثيم ۽ ڪرپٽيءَ جا ذرا انهيءَ پاڻيءَ ۾ ڪيئن ۽ ڪٿان آيا ،انهيءَ کي ڏسڻ ۽ چڪاسڻ جي ٻيهر ضرورت پوندي.

مان جڏهن 2006 ۾ نوشهروفيروزسٽيءَ جو نائب ناظم هيس ته مون پنهنجي گهر ۽ شهر جي مختلف حصن مان پاڻي چڪاس ڪرڻ جا نمونا ورتا ۽ انهن کي آغا خان ليبارٽري کي ٽيسٽ لاءِ موڪليا ته مونکي به اهڙي ئي حيراني ۽ پريشاني ڏسڻي پئي جيڪا ، تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ لاءِ ملي.

انهيءَ پاڻي جي نمونن ۾ منهنجي گھر سميت ٻين ڪيترن ئي نمونن ۾ 5000 هزار في قطري ۾ جراثيمن جون ڪالونيون هيون ۽ انهيءَ سان گڏ ڪرپٽئ جا جزا پڻ انهي پاڻيءَ ۾ شامل هيا. آئون ان وقت سخت پريشان هيس ته انڊر گرائونڊ پاڻيءَ ۾ هيءُ ايڏا جراثيم ۽ ڪرپٽيءَ جا جزا ڪيڏانهن آيا ، جڏهن ته اتي گٽر لائين به نه هيون . مون پيئڻ جو پاڻي ته هڪدم مٽائي ڇڏيو پر ، وهنجڻ مهل مان ايئن محسوس ڪندو رهيس ته ڄڻڪه مان جراثيمن ۽ ڪرپٽيءَ جي جزن سان وهنجي رهيو آهيان ۽ اهي جزا ۽ جراثيم منهنجين اکين ، وات ، ڪنن سميت سموري جسم کي ناپاڪ ۽ بيمار ڪري رهيا آهن ته پوءِ مان پاڪ ۽ صحتمند ڪيئن رهيس؟ انهيءَ جستجو ۽ ڪوشش لاءِ ته پاڻي جي بيڪٽريالوجي معلوم ڪرڻ کان پوءِ پاڻيءَ ساڳئي پاڻيءَ جو ڪيميڪلي اينالائيزرپڻ ڪجي ته معلوم ٿيو ته مون پهرين جڏهن پاڻيءَ جي بيڪٽريالوجي لاءِ پاڻيءَ جا نمونا ورتا هيا ته انهن نلڪن ۽ پاڻيءَ جي ٽوٽين يا منهن کي مون ڪنهن ميڻ بتيءَ يا باهه سان گرم ڪري انهي ٽوٽيءَ جي منهن تان جراثيم نه هٽايا هئا ، جنهن ڪري اهي پاڻي چڪاس واري نمونن ۾ ٽوٽيءَ تي چنبڙيل جراثيم هلي ويا ، جيڪي پاڻيءَ جي چڪاس ۾ اچي ويا هئا جيڪي سيڪنڊن جي حساب سان ضرب ٿيندا رهندا آهن. پوءِ ٻيهر جڏهن مون پاڻي چڪاس ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جا نمونا ساڳين ئي نلڪن مان ٽوٽين ۽ نلڪن جي منهن کي باھ سان گرم ڪري پاڻي چڪاس ڪرايو ته انهن ۾ جراثيم يا ڪرپٽيءَ جا ذرا بلڪل نه هيا ، بلڪ ڪيميڪل حد کان وڌيڪ هجڻ جي ڪري اهو پاڻي ٻڙڪائي پيئڻ جي پڻ لائق نه هيو ۽ نه وري آهي…….! هاڻي جڏهن جناب سنڌ هاءِ ڪورٽ ، واٽر ڪميشن انهيءَ ڪيس کي کنيو آهي ته ، ڪميشن پاڻيءَ کي ٻيهر ڇڪاس ڪرائڻ لاءِ گهربل تجربو يعني پاڻي حاصل ڪرڻ جي ٽوٽين ۽ نلڪن جي منهن کي پهرين باھ سان گرم ڪري ۽ 5 منٽ پاڻئ کي وهڻ ڏئي ، انهي کانپوءِ صاف بوتل ۾ پاڻي چڪاس لاءِ موڪلڻ سان گڏ پيئڻ جي پاڻيءَ جي بيڪٽريولوجي سميت ڪيميڪلي ٽيسٽ پڻ ڪرائي ، جنهن ۾ پاڻي جي پي ايڇ ، ڪلورائيڊس يا ٻيا گهربل ڪيميڪلز جي تعداد جي پڻ ڄاڻ حاصل ٿئي ته آيا هيءَ  پاڻي ٽهڪائڻ کانپوءِ به پيئڻ جي لائق آهي يا بنح صحت اڃان وڌيڪ زهريلو ۽خراب آهي.

باقي پاڻي جي فلٽريشن ته هڪ سبجيڪيٽ آهي ، جنهن کي سئو سيڪڙو بهتر بنائڻ لاءِ ادارا بڻايل آهن ۽ انهن ادارن کي ذميوار ڪرڻو پوندو ، باقي وزيرن ڪبيرن ۽ پئسا بنائيندڙن سيڪٽرين کان اهي عوامي ڀلائي جا ڪم ڪٿي بهتر ٿيندا ؟

انهيءَ صاف پاڻيءَ جي حاصلات لاءِ حڪومت سنڌ کي ڄاڻ پروگرام پڻ شروع ڪرڻ گھرجن ته ، جيئن ته توهان جا هينڊ پمپ يا نلڪن جون ٽونٽيون ڪاڪوس خانن جي ويجهو هونديون آهن ۽ توهان بغير صابڻ جي هٿ ڌوئي پاڻي جي ٽوٽين کي هڻو ٿا يا پکي پکڻ ، جراثيم ، مکيون وغيره پاڻي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جي ٽونٽين تي ويهن ٿيون ۽ انهن هٿن ۽ پيرن ۾ جراثيم هوندا آهن جيڪي نلڪي جي ٽونٽين تي چنبڙي پوندا آهن ، انهي لاءِ لازم آهي ته پاڻي حاصل ڪرڻ لا۽ احتياط کان ڪم وٺي  هر پنجين يا ڏهين ڏينهن پنهنجن نلڪن جي منهن يا ٽوٽين جي منهن کي باھ سان گرم ڪريو ته جيئن اهي جراثيم سڙي ختم ٿي وڃن ته جيئن پيئڻ جوپاڻي جراثيمن ۽ ڪرپٽيءَ جي جزن کان صاف ٿي وڃي جنهن سان اسين ۽ اسان جا ٻچڙا ، بيمارين ، خصوصن پيٽ جي بيمارين ۽ ٽائيفائيڊ کان بچي ، صتحتمند معاشرو تخليق ڪرڻ ۾ مدد ڪن .

آخر ۾ وري به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي واٽر ڪميشن ۽ سندس ٽاسڪ فورس کي گذارش عرض ڪنداسين ته هن پاڻيءَ کي زندگي جو ضامن ۽ مقصد سمجهي ٻيهر رپورٽون مرتب ڪرڻ سان گڏ ماڻهن ۾ پاڻيءَ تي جاڳرتا مهم پڻ جاري ڪرڻ تي پڻ زور رکيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

۽ جڏهن جعلي دستاويزن جو ذڪر نڪتو!

دوست  حفيظ چنا پاناما ڪيس جي ٽين ٻڌڻي تي ڪيس ۾ هڪ نئون موڙ ايندي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي