22 بدھ , نومبر 2017

سنڌ جي هر ضلعي ۾ هڪ سياسي پارٽي جا ٻه ٻه ڌڙا ..!

سعيد احمد مڱڻيجو

سياست عوام جي مفادن جي لاءِ ڪئي ويندي آهي ۽ سياسي پارٽي ٺاهڻ جو سبب به اهو ئي هوندو آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ملڪي ليول تي يا علائقي ليول تي پر بدقسمتي سنڌ جي اها رهي آهي ته هتي ڪجهه عرصي کان وٺي  ڪا مخلص سياسي پارٽي   سنڌ کي نه ملي آهي، جيڪا مخلص ٿي ڪري سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪري  پر ايئن نه آهي . هتي  افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته هونئن ته سنڌ گهڻن مسئلن مان گذري رهي آهي پر ٻين  مسئلن  سان گڏو گڏ سياسي مسئلا به ان جي قمست ۾ لکيل آهن جتي هڪ سياسي  پارٽي  پيپلز پارٽي  جو هجڻ  ۽ ان پارٽي جو مسلسل سنڌ مٿان حڪومت ڪرڻ ئي سنڌي عوام جي مقدر ۾  ئي لکيل آهي يا ڪٿي سنڌي عوام جي مجبوري آهي، پر اهو به ڏسون ته سنڌي عوام  کي ڪا ٻئي چوائيس به نه آهي  ، جيڪڏهن ٻيون سياسي پارٽيون ننڍيون وڏيون آهن به ته انهن جي هيٺين ليول عوام تائين ڪا پهنچ نه آهي جنهن جو سبب اهو ئي آهي  ته عوام کي ٻئي ڪا سياسي پارٽي نظر ئي نه ٿي اچي  سنڌي عوام  ان جي حمايت ڪري  ۽ ان کي ووٽ ڏئي پر ايئن آهي نه ..!  سنڌ ۾ صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي آهي جيڪا سنڌي عوام جي صوبي کان وٺي وفاق تائين نمائندگي ٿي ڪري جنهن کي سنڌي عوام جي ووٽ جي ڦل سپورٽ آهي ، هاڻي سوال  اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر  سنڌ جي سياسي  سگهه کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي .. ؟  اها ڪنهن کي به خبر نه آهي  ته آخر سنڌ جي قومي سياست کان و ٺي ملڪي سياست تائين سنڌ جي سياست کي مٽي سان ملائي ڪري ختم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌين کان سياسي شعور کي ختم ڪرڻ ۾ ٻن طبقن  جا هٿ آهن   هڪ اهو ملڪي طبقو جنهن کي اسان اسٽيبلشمينٽ چوندا آهيون  جنهن ڪڏهن به اهو نه چاهيو آهي ته سنڌ جي اندر هڪ سياسي يا جا کوڙي سوچ مضبوط هجي جنهن سان سنڌي پنهنجا حق آساني سان وٺي سگهن ۽ سنڌين کي ڪو مڪمل اختيار ملي  ، ٻيو اهو طبقو آهي جيڪو سنڌ جو سرمائيدار وڏيرو ،  جيئن ڏسون ته  سنڌ جي سياست ۽ سماج جي اندر انهن ۾ کوڙ سارا پير، سيد ، وڏيرا ، تاجر ، سياسي اڳواڻ ، نام نهاد سماجي رهنما ۽ آفيسر شاهي جيڪي سنڌ سان سياسي مفادن خاطر سنڌ سان غداري ڪندا ٿا اچن جن ڪڏهن به سنڌ جي ترقي جي لاءِ  نه سوچو آهي، سنڌ جي  سرمائيدار وڏيري تمام گهڻو وڏو نقصان ڏنو آهي، جيڪو وقتن فوقتن پنهنجي سياست جا  قبلا تبديل ڪندو ٿو اچي پنهنجي ذاتي مفادن جي خاطر ،  جنهن جي ڪري سنڌ جي سياسي سگهه ڪمزور کان ڪمزور تر ٿي ٿيندي  ٿي وڃي . ان جي ذاتي مفادن  سنڌ جي عام ماڻهون کان سياسي شعور ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي ، هاڻي سنڌ جي سياست جو اهو حال آهي ته هتي هڪ  ئي سياسي پارٽي آهي جنهن جي نمائندگي هر ضلعي ۾ ٻن ٻن ڌڙن تي مشتمل آهي ۽ اهي ٻئي ڌڙا هڪ پارٽي جا ٿي ڪري هڪ ٻئي جي مخالفت ٿا ڪن   انهن ٻن ڌڙن جي مخالفت سان سنڌ جي ترقي جو سوال به  پيدا ٿئي ٿو  ته آخر اهو سلسلو ڪيستائين  رهندو ڇا اها راند سنڌ ۾ ٿيندي رهندي يا ان جو ڪو خاتمو به ٿي سگهي ٿو ، منهنجي خيال ۾ ان جو خاتمو هڪ طرح سان ئي ٿي سگهي ٿو اهو آهي ته سنڌين وٽ مضبوط ڪا متبادل سياسي پارٽي اچي ۽ ان جي نمائندگي يو سي ليول کان وٺي صوبي تائين هجي پوءِ  ڪا تبديل اچي سگهي ٿي . هينئر سنڌ جي اندر جيڪي ضلعي ليول تي هڪ سياسي پارٽي جا ٻه ٻه ڌڙا ٺاهيا ويا  آهن اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اها پاليسي  ان  ليڊر شپ جي  آهي يا ڪنهن ٻئي  مضبوط سياسي پارٽي جي نه هجڻ ڪري آهي ، پر لڳندو ته ايئن آهي ته اها پاليسي ان ليڊرشپ جي آهي ته هر هڪ ضلعي ۾ ٻه ٻه ڌڙا ٺاهي ٻنهي جي سپورٽ ڪئي وڃي جيئن ايندڙ يا هر اليڪشن  ۾ ان علائقي ٻه پتا ڦٽي ڪجن هڪ نه هڪ کٽي ته ضرور  ايندو . اهڙي صورتحال اڄ جي هن دور ۾ سنڌ کي متبادل سياسي پارٽي جو هجڻ لازمي آهي، باقي هڪ پارٽي وٽ يرغمال رهڻ سان سنڌ ۾ ڪڏهن ڪا تبديلي نه ٿي اچي سگهي  سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ  جي لاءِ  سنڌين کي متبادل سياست ڪرڻي پوندي ۽ هاڻي اهو به سمجهڻو به پوندو ته اقتدار ي سياست ۽ عوامي سياست ۾ به هڪ فرق  آهي ڇو ته سنڌي پوين چاليهن سالن کان پيپلز پارٽي کي ئي سپورٽ ڪندا ٿا اچن ان حمايت مان اهو سکڻو پوندو ته ماضي جي سياسي پارٽي هميشه اقتداري ئي رهي آهي جنهن عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي خاص قدم ئي نه کنيا آهن .

هينئر سنڌ بگڙيل معاشي ۽ سماجي حالتن کان پئي گذري ان جو سبب اهو ئي آهي ته سنڌين وٽ ڪا متبادل سياسي پارٽي نه آهي جنهن جي اهي حمايت ڪن ۽ ڪجهه سياسي تبديلي آڻن ۽ هاڻي  اهو  سنڌين جي لاءِ لازمي  آهي ته اهي پنهنجو متبادل سياسي رستو ڳولين ، ڇو جو  زندگي جي هر شعبي ۾ بدعنوانين، لاقانونيت ۽ ڇڙواڳي سنڌي عوام ڪن ڏهاڪن کان ڀوڳيندو ٿو اچي ، جنهن ۾ حڪومت هجڻ جو تصور ئي نه رهيو آهي، اهڙين حالتن جي اندر  پيپلزپارٽي وري هر ضلعي جي اندر پنهنجن ئي ماڻهن جا ٻه ٻه گروپ ٺاهي ڇڏيا آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مخالفت ڪري اڃا وڌيڪ شهر جي مسئلن کي الجهائن ٿا . جيڪڏهن سنڌ جي  سياسي، سماجي ، ترقياتي ڪمن تي ڪجهه سوال اٿاريون  به ته انهن جو رخ هڪ ئي سياسي پارٽي  جي طرف ويندو جيڪا ڪيتري عرصي  کان وٺي سنڌ جي مٿان حڪومت ٿي ڪندي اچي پر سنڌ جا مسئلا اهڙي جا اهڙا ئي آهن  جيئن سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي حالت ڏسو ته انهن کي ڏسي ائين بلڪل نه لڳندو ته اهي ڪي 21 صدي جا شهر آهن جتي انفرا اسٽيڪچر تباهه ٿيل  ، روڊ رستن جو حال ڏسو اهي بدترين شڪل ۾ آهن، تعليم جي تباهي ۾ ٻارن جو مستقبل تباهه پيو ٿئي، تحفظ عوام کي مليل ناهي، صحت جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اتي به سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي ۽ هاڻي پاڻي جي قلت صاف پاڻي  پيئڻ جو شهرن ۾ اڻلڀ آهي ته اتي جيڪڏهن سنڌ ۾ هڪ ٻئي مضبوط سياسي پارٽي هجي ته منهنجي خيال ۾ ان جو اقتدار ۾ اچڻ هڪ آسان رستو مليل آهي، هن به ڏٺو اهو ويو آهي ته بين جمهوري ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي حڪومت ملندي آهي ۽ اها  حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويندي آهي  يا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي هوندي ته اتان جو عوام وري ڪنهن ٻي پارٽي جي سپورٽ ڪري ان کي اقتدار ۾ آڻيندا آهن ، جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين ۽ هڪ پرسڪون ماحول ۾ اهي رهي سگهن  . پر سنڌ ۾ اهو ابتڙ آهي ڇو جو هتي ٻئي ڪا سياسي پارٽي آهي ئي ڪون جنهن جو پاڙون هيٺين ليول تائين مضبوط هجن ۽ عوام ان کي سپورٽ ڪري . هتان جي صورتحال ڪجهه الڳ آهي هتي هڪ پارٽي آهي جنهن جا ٻه ٻه گروپ سنڌ جي هڪ هڪ شهر ۾ سرگرم آهن . جيئن هڪ ئي گهر ۾ ٻه سياسي گروپ اهڙي صورتحال ۾ اسان ڪٿي ترقي ڪري سگهنداسين يا ڪيئن اڳيان ايندا سين بهرحال ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کي سوچڻ کپندو ته پوين ڏهن سالن  کان وٺي جيڪي اسان جا مسئلا حل ٿي نه سگهيا آهن انهن جو اصل ڪارڻ ڇا آهي ۽ هاڻي ان جو حل ڇا ٿيندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڍڳو پير پيران واري ڪارڪردگي

شبير سوڍڙو چئبو ته اسان جي تعليم ترقي پئي ڪري يا اڳتي وڌڻ بدران  پير پوئتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے