22 بدھ , نومبر 2017

شاهنواز ڀٽو جي ياد ۾

محمد عثمان ميمڻ

شاهنواز ڀٽو پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو فرزند هو، 1958ع ڌاري جنم وٺندڙ شاهنواز سڀني ٻارن ۾ ننڍو هو. شروعاتي تعليم پاڪستان ۾ ورتائين، پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر موڪليو ويو. هو سئٽزرلينڊ ۾ پڙهي رهيو هو ته سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري تڏهوڪي آمر ضياءُ الحق پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ بعد ۾ ڀٽي صاحب کي قتل جي الزام ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. 14 اپريل 1979ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏئي قتل ڪيو ويو ته ان غم ۽ غصي ۽ عوام جي بيچينيءَ سبب شاهنواز ڀُٽو پنهنجي وڏي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽي سان گڏ ضياءُ جي آمريت خلاف جدوجهد ڪئي. سندن وڏي ڀيڻ بينظير ڀٽو پڻ عتاب هيٺ رهي ۽ ڪجهه عرصو سکر جيل ۾ قيد ڪاٽيائين.هوءَ پنهنجي ٻنهي ڀائرن جي حياتيءَ لاءِ فڪرمند رهندي هئي.

18 جولاءِ 1985ع تي 27 سالن جي ڳڀرو نوجوان شاهنواز ڀٽي جو لاش فرانس جي شهر نائيس ۾ سندس گهر مان مليو، جنهن بابت ڪن حلقن جي راءِ آهي ته کيس افغان گهرواريءَ ريحانه زهر ڏنو هو. نتيجي طور مرتضيٰ ڀٽي پنهنجي افغان گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. ڪن حلقن جو خيال آهي ته شاهنواز ڀُٽو ضياءَ الحق خلاف هو ۽ ان کيس مارائڻ جو منصوبو رٿيو، ۽ شاهنواز ڀٽو ان سازش جو شڪار ٿيو. ڪن جي راءِ آهي ته انقلابين جي اصول تحت هن سختيءَ ۽ جاسوسيءَ کان تنگ ٿي زهر کاڌو هو. بهرحال قتل جي شڪ ۾ فرينچ حڪومت ريحانه کي گرفتار به ڪيو هو، پر ڪجهه عرصي بعد کيس آزاد ڪري سفر جي اجازت ڏني وئي، جنهن بعد هوءَ آمريڪا هلي وئي ۽ هن وقت شاهنواز ڀٽي جي ڌيءَ سسئي ڀٽو ساڻس گڏ آمريڪا ۾ رهائش هيٺ آهي.

شاهنواز ڀٽي جي خوش مزاجيءَ واري طبيعت سبب سڀ گهر ڀاتي کيس ڀائيندا هئا، هن جي مزار سندس عظيم والد،، والده، بهادر ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان گڏ ڳڙهي خدا بخش ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڍڳو پير پيران واري ڪارڪردگي

شبير سوڍڙو چئبو ته اسان جي تعليم ترقي پئي ڪري يا اڳتي وڌڻ بدران  پير پوئتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے