24 آچر , سيپٽمبر 2017

ڪميشن پاس اميدوار انصاف جي اوسيئڙي ۾….

شاهد حسين  تيوڻو

تعليمي غلامي جا آقا ۽ تعليم جي غلام نظام جي سڃاڻپ ۽ واقفيت هڪ هيءَ به آهي ته انصاف واري سان انصاف نه ٿو ٿئي حد ته اها آهي جو ڪميشن پاس اميدوار به اڄ انصاف لاءِ در در تي ڌڪا کائيندا ٿا وتن پر افسوس جو سنڌ جي اندر نه ادارا صحيح ڪم ڪري رهيا آهن ۽ نه وري حڪمرانن جي ڪا هڪڙي ڳالهه آهي. ادارن ۽ ادارن کي هلائڻ وارن جي نا اهليءَ جو چٽو ثبوت اهي مسڪين اميدوار آهن جن هيڊ ماسٽر واري   ڏکئي ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ به اڄ انصاف جي حاصلات لاءِ ٻاڪاري رهيا آهن پر مجال آ جو کڻي واڳ ڌڻين توڙي هر روز نيون پاليسيون ڏيندڙ ۽ حڪمراني ڪرڻ وارن جي ڪن تي جونءَ به چري .

صدوري سنڌ کي هلائڻ وارن ڪامورن وٽ نه ڪي منصوبا ۽ نه وري ڪي پهريائين رٿائون هونديون آهن بس اوچتو ويٺي خيال اچي ويندو اٿن ته اسان سنڌ جي بيروزگار ۽ هوشيار شاگردن کي روزگار ٿا ڏيون ۽ اهڙي طرح   سنڌ حڪومت کي 2015 ع ۾” ڪلسٽر پروگرام“ نالي سان 2000 هيڊ ماسٽر ڀرتي ڪرڻ جو هڪ خيال ذهن ۾ تري آيو ۽ پوءِ اپريل 2015 ع ۾ حڪومت طرفان هيڊ ماسٽر ڀرتي لاءِ باقاعدي هڪ اشتهار جاري ڪيو ويو جنهن ۾ 2000 خالي جاين جو انگ ٻڌايو ويو. ان اشتهار مطابق اميدوارن لاءِ ڪجهه اهم تعليمي قابليت وارا شرط رکيا ويا هئا   ته هن امتحان ۾ اهو شاگرد ويهي سگهي ٿو جنهن جي تعليم گھٽ ۾ گھٽ ايم. اي  ۽  ايم. ايڊ   هجي. پر جيڪڏهن ڪو بي. ايڊ  پاس اميدوار آهي ته ان سان گڏو  گڏ 5 سال ايڇ. ايس. ٽي  طور ڪم ڪيو هجي اهو به ڪنهن ” ڪانٽريڪٽ“ کان علاوه پر جيڪڏهن ڪنهن  ” ڪانٽريڪٽ“   ۾ ڪم ڪيل هوندو يا ڪندو هوندو ته اهو به ان عهدي لاءِ اهل نه هوندو بهرحال اهڙا ٻيا به ڪجهه شرط شروت اشتهار ۾ لڳايا ويا هئا ۽ پوءِ انٽريو ڪرڻ لاءِ  آءِ. بي . اي     سنڌ جي ساک رکندڙ اداري کي اهو ڪم حوالي ڪيو ويو جنهن ۾ 2000 خالي جاين تي 7000 اميدوار امتحان ۾ ويٺا جنهن ۾ پاس اميدوارن لاءِ پهريون شرط ته هو   جنهن ۾ پاس اميدوارن جو تعداد اٽڪل 1080 آهي هاڻي جيڪا اهم ڳالهه آهي ته حڪومت طرفان اشتهار ۾ هڪ ڳالهه ڪئي وئي ۽ وري ڀرتيون ان شرطن کان هٽي ڪري به ڪيون ويون. جهڙي طرح پهرين شرط مطابق ته بي. ايڊ رکڻ   ۽ 5 سال ايڇ. ايس . ٽي  طور ڪم ڪيو هجي پر      ” ڪانٽريڪٽ“  کان علاوه پر ڏٺو وڃي ته سرڪار پنهنجي ئي ڪيل ڳالهه کي ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ اهڙا ڪيترا ئي درجن اميدوار ڀرتي ڪيا ويا جيڪي ان شرطن مطابق اهل ئي نه هئا. ۽ وڏي نااهلي جي ڳالهه ته 660 اهڙا اميدوار جنهن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن جيڪي پڻ ڏنل اشتهار مطابق اهل ناهن پر پوءِ به انهن کي اهل ڄاڻائي ۽ ڀرتي ڪيو ويو. پر ڏک ته ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته اهڙن اميدوارن کي رهايو ويو آهي جيڪي اشتهار مطابق گهربل تعليمي قابليت ۽ پڻ گهربل تجربو به رکن ٿا ۽ جڏهن ته کانئن ٻه ڀيرا انٽريو به ورتو ويو پر پوءِ به انهن کي اهو سبب ڄاڻائي رهايو ويو ته توهان ملازم آهيو. جيڪڏهن واقعي به اهڙن اميدوار اهل ناهن ته پوءِ 660 اميدوار ڪنهن جي چوڻ تي ڀرتي  ٿيا، جيڪي اشتهار مطابق اهل ناهن ۽ اهڙن اميدوان کي به ڪيئن ڀرتي ڪيو ويو. جنهنجي تعليم قابليت ڏنل اشتهار مطابق کوٽي هئي.  اهڙو عمل جيڪو قانون جي فقري 25، 27 مطابق قانوني ۽ آئيني ڏوهه آهي

حڪومت طرفان ڪنهن بيروزفار کي روزگار ڏيڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي ۽ اشتهار مطابق ڏنل شرطن ۾ ڪجهه رعايت ڪري ۽ ملازم ڀرتي ڪيا به ويا ته باقي انهن 25 کان 30 هن رهيل اميدوارن جو ڪهڙو ڏوهه آهي جن کي ڄڻ زندگيءَ  ۽ موت واري ٻه واٽي تي لٽڪائي ڇڏيو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄ به هزار کان وڌيڪ جايون خالي آهن پر پوءِ به هي اميدوار انصاف لاءِ ڀٽڪي رهيا آهن ۽ هي ظلم جا ستايل اهي اميدوار آهن جن ٽاپ ۾ مارڪون  کنيون ۽ ٻه ڀيرا انٽريو به پاس ڪيا تعليمي قابليت جي حوالي سان هنن ۾ اهڙا ڪيترائي اميدوار آهن جيڪي ايم. فل   ۽ پي. ايڇ . ڊي   رکندڙ آهن پر افسوس جو بي رحم  حڪمرانن هنن جي مڙني احساسن  ۽ ارمانن کي چيٿاڙي ڇڏيو ۽ انصاف جي اکين تي پٽي ٻڌي ۽ ان کي گهري سمنڊ ۾ لوڙهيو ويو ڪير ته هجي جيڪو هنن اميدوارن جي دانهن ٻڌي ۽ ان جو ورجاءُ ڪري پر اهو ڪير ڪندو ڪنهن کي مٿي ۾ سور پيو آهي جو کڻي غريبن جي دانهن ٻڌي مان ته جڏهن به هنن بيوس نوجوانن کي ڏسان ٿو ته  انڌيرنگري ۽ چرٻٽ راجا وارو قصو ذهن ۾ تري اچي ٿو. بهرحال حڪومتي نظام کي هلائڻ وارن ۽ ادارن جون پاليسيون ڏيندڙن ۽ پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويندڙن کي هڪ دفعو وري به هنن مسڪينن ڏانهن نظر ڪرڻ گھرجي ڇو ته هنن جي سيني ۾ به دل آهي ۽ ان ۾ ڪجهه ارمان جن لاءِ هنن وڏي جاکوڙ ڪري ڪميشن وارو امتحان پاس ڪيو جيڪي اڄ به انصاف جا منتظر آهن ته اسان سان انصاف ضرور ٿيندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ نوڪرين جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟

آغا نور محمد پٺاڻ مونکي هڪ دوست ٻڌايو ته هو نوڪري جيِ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي