22 بدھ , نومبر 2017

ارادن سان ئي منزلون طئي ٿينديون آهن…

سليم جروار

هُو جن جا پير پٿون هئا، پر سندن نيڻن ۾ هڪ چمڪ هئي، همت هئي ۽ ارادا هماليه جيان اڏول لڳي رهيا هئا، 5 جولاءِ کان سنڌ جي ثقافتي مرڪز سڏيو ويندڙ حيدرآباد کان نڪتل اهو قافلو ان ڪري ننڌڻڪو لڳي رهيو هو جو ڪنهن به اچي ساڻن همدردي نه ڪئي نه ڪنهن سندن همت وڌائي پر اهو قافلو ڪالهه شام سنڌ جي دل ڪراچي جي پريس ڪلب پهتو. ڪراچي جي رستن تي کين جيڪا موٽ ملي انهن سندن اهي ٿڪ لاهي ڇڏيا جيڪي هو جهر جهنگ جهڳندا پنهنجي پيارن کي ڳوليندي کڻي اچي هتي پهتا هئا، هُنن پاڻ کي هاڻ ننڌڻڪو نه پي سمجهيو سندن ڪُلهن تي پيل اهو وزن ڄڻ ورهائجي ويو هو، ان قافلي ۾ نياڻيون به هيون سندن نوجوان ساٿي به هئا، الڳ الڳ علائقن ۽ مختلف ذاتين هوندي به ان قافلي جا پانڌيئڙا ڄڻ هڪ ڪٽنب جا ڀاتي لڳي رهيا هئا جن جو درد هڪ ئي هو، محبتون، کل ڀوڳ مذاق ۽ رنج رُساما ڪندي سندن ڏينهن جو اهو سفر به گذري ويو، سنڌ جي مختلف علائقن مان جبري طور گُم ڪيل 43 ماڻهن جي سلامتي سان آزادي جي التجا ڪندي 5 جولاءِ تي حيدرآباد پريس ڪلب کان نڪتل ان قافلي جي پانڌيئڙن کي ان وقت اهو ڏک ضرور ٿيو هوندو ته هيڏي وڏي قومپرستي جي دعويدار تنظيمن، سول سوسائٽي جي هام هڻندڙن حق ۽ سچ لاءِ ڪاڪڙا ڦاڙي ڳالهائيندڙن مان ڪو به لڙي وٽن همدردي جا ٻه ٻول چوڻ نه آيو. عورتن جي ڀلائي ۽ انساني حقن لاءِ مخصوص پروجيڪٽن جي سيمينار ۽ ڪانفرنسز ۾ وڏي هام هڻندڙ ڌرين کي هي نياڻيون ڏسڻ ۾ به نه آئيون جيڪي پُرامن طريقي سان پنهنجي التجا وس ڌڻين اڳيان کڻي نڪتيون هيون ته سندن بي گناهه پيارن کي آزاد ڪريو، جيڪڏهن سندن ڪو ڏوهه به آهي ته اهو عدالتن ۾ آڻيو، اهي نياڻيون حيدرآباد شهر جي چوڪن، چوراهن ۽ روڊ رستن تان گذريون پر اهي سڀ هامون هوائن ۾ اڏامندڙ ڪک پن لڳيون جيڪي سنڌ دوستي جي نالي تي هنيون وڃن ٿيون پر پوءِ به هنن ڪنهن کي ڏوراپو نه ڏنو، انصاف، حق ۽ سچ جو علم کڻي نڪتل اهو قافلو پنهنجي مقصد ۽ ارادن خاطر هلندو رهيو، تتل گرمي ۽ وسندڙ برساتن سندن حوصلن کي پست نه ڪيو نه ئي پيرن ۾ پيل لڦن سندن همت کي زخمي ڪيو. مون ان نياڻين ۽ نوجوانن کي عيد جو ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب جي فٽ پاٿ تي گذاريندي ڏٺو، مئي ۽ جُون جي شديد گرمين ۾ روڊ ۽ رستن تي احتجاج ڪندي ڏٺو، سوين ڪلوميٽر پنڌ مارچ ڪندي به ڏٺو پر سندن ارادن ۾ تِر جيتري به گهٽتائي محسوس نه ڪئي، هنن پنهنجي قافلي جي هڪ ساٿي عرفان آزاد بليدي جي مارچ دوران کنڀجي وڃڻ کانپوءِ اهو ئي محسوس ڪيو ته هتي حق ۽ انصاف لاءِ ڳالهائيندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو، پوءِ به سندن طئي ٿيل منزل طرف سفر جاري رهيو، ان مارچ ۾ گم ٿيل سائين هدايت لوهار، سائين خادم حسين آريجو، ليکڪ رضا جروار، استاد شادي خان سومري، نوجوان علي احمد ٻگهئي، مرتضى جوڻيجي، ايوب ڪانڌڙي، صابر چانڊي، فرحان ڪاڪيپوٽي سميت تقريباً سمورن گم ٿيل ڪٽنبن جي نه فقط مردن پر عورتن ۽ ٻارڙن به شرڪت ڪري اهو ٻڌايو ته اسان جا پيارا بي گناهه آهن سندن ڪو ڏوهه آهي ته ان لاءِ قانون آهي، عدالتون آهن انهن ۾ آڻيو، گهٽ ۾ گهٽ سندن سلامتي جو احساس ته ٿيندو پر خبر ناهي ڇو سال ۽ مهينا گذرڻ باوجود سندن وجود جي به ڪا خبر ناهي. سندن وارثن جو هڪ هڪ پل ڪهڙي اذيت ۾ گذري ٿو اهو احساس سندن اکين ۾ نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مسلسل احتجاجن باوجود ڪنهن به اداري، حڪمرانن توڙي وس وارن جو ڌيان هنن طرف نه ٿو وڃي، لانگ مارچ احتجاج جي آخري حد هوندي آهي هنن مظلوم ۽ معصوم شهرين ان حد تائين احتجاج ڪيو آهي پر افسوس ڪا عدالت به سندن آواز تي نوٽيس نه ٿي وٺي، هاڻ هُو ڪنهن در دانهن ڏين؟

حڪمرانن يا سرڪاري ادارن جي ڳالهه هڪ پاسي ڏک ته انهن جو آهي جيڪي قومپرستي جي هام هڻن ٿا، انسان توڙي عورتن جي حقن جون تنظيمون/فرد، سنڌ جا ساڃاه وند اديب، شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نويس به  جبري طور گم ڪيل شاگردن، استادن، ليکڪن توڙي سياسي ڪارڪنن لاءِ ٻڙڪ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن، ڪنهن جي حق يا انصاف جي ڳالهه ڪرڻ جو مطلب قطعي ناهي جو اهو عمل بغاوت آهي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ، اظهار جي آزادي ۽ جيئڻ جو حق نه فقط انساني حقن جي عالمي منشور ۾ آهي پر اهي حق ته خود هن ملڪ جو آئين به ڏي ٿو، ڪٿي آهي اڄ اهو مزاحمتي ادب، شاعري ۽ صحافت جنهن لاءِ ماضي ۾ ته دعوائون ٿينديون رهيون آهن، پر هن وقت سنڌ جي ٻرندڙ صورتحال تي سڀ ڪجهه جمود جو شڪار ڇو آهي؟ ڪير به اهو ڪڏهن نه ٿو چوي ته بندوقون کڻي مزاحمت ڪجي پر پنهنجو قلم ۽ پنهنجي سياسي مورچي کي استعمال ڪندي پُر امن جدوجهد جي حمايت ڪرڻ ڏوهه ته ناهي، اڻ ڄاڻ زندانن پويان قيد بي گناهه بانڌين لاءِ ٻه اکر لکڻ تي ڪا سزا ناهي مسلسل پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ جدوجهد جي علامت بڻيل نياڻين جي مٿي تي هٿ رکڻ ملڪ  دشمني ته ناهي، پوءِ ڇو ڪنهن جا هٿ نه ٿا وڌن؟ هي جدوجهد ڪنهن به سياسي پليٽ فارم تان ناهي نه ئي ڪنهن پارٽي جا ظاهري طور هٿ آهن جو چئجي ته نظرياتي يا سياسي اختلافن سبب ڪو اڳتي نه ٿو اچي. هي نياڻيون، هي معصوم ٻار، اهي نوجوان ته انهن باندين جا وارث آهن جيڪي انصاف لاءِ در در ٻاڏائي رهيا آهن پوءِ به اسٽيج تي ڊاڙون هڻندڙ قومي ليڊر ۽ جوڌا هن معاملي تي چُپ آهن، لانگ مارچ جي آخري ڏينهن جسقم (آريسر) جو چيئر ڊاڪٽر مير عالم مري، اسلم خيرپوري، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان زئنور، قمر ڀٽي، عوامي جمهوري پارٽي جي وفد، هيومن رائيٽس ڪميشن جي امجد پليجي، سول سوسائٽي جي شيرين زئوز، نغمه شيخ، رشيد راڄڙ، مختيار عالماڻي سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ مختلف علائقن مان آيل متاثر ڪٽنبن جي ڀاتين، لانگ مارچ جي پانڌيئڙن جي همت افزائي ڪئي، اهو سُٺو سنئوڻ آهي، ڪراچي جي بلوچ عورتن ۽ ٻارڙن مارچ جي آجيان ڪئي جنهن سان يڪجهتي جو پيغام ويو، اهڙي ريت جيڪڏهن اردو، پشتو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ به سندن آجيان ڪن ها اهو بهتر ليکجي ها، ان سان پنهنجائپ وڌنڌي آهي ۽ ويجهڙائپ ٿيندي آهي، پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ نڪتل قافلي ۾ نج اهي خاندان شريڪ هئا جن جا پيارا گم آهن، سنڌ هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن ۽ وائيس آف مسنگ پرسنز جا دوست هئا، منهنجي خيال ۾ نه هي مارچ ڪو سياسي هو ۽ نه ئي رياست مخالف ڪو مقصد شامل هو. هن ۾ سمورين ڌرين کي اچڻ کپندو هو جيڪي مظلوميت جي ڳالهه ڪن ٿا جيڪي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعوى ڪن ٿا، جن جو مقصد عورتن جي جدوجهد ۾ شموليت آهي پر ان ڌرين به لاتعلقي ظاهر ڪئي.

هن لانگ مارچ جي روح روان پنهل ساريي، سورٺ لوهار، معشوق چانڊئي، سرور جروار، نيلم آريجو، تنوير آريجو، امر فياض، حڪيم جروار سميت سمورا پانڌيئڙا جس لهڻن جن 11 ڏينهن پنڌ ڪري پنهنجي جدوجهد جي تاريخ رقم ڪئي، ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته ڪير سندن آجيان ڪري ٿو يا نه، ڪهڙي ميڊيا ڪوريج ڪري پئي يا نه، ڪهڙي وقت ماني ملي ٿي يا نه، جتي رهياسين اتي بجلي آهي يا نه، هنن پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ آخرڪار پنهنجي منزل تي هي قافلو پهتو، جتي سندن ڀرپور آجيان ڪئي وئي، ان آجيان سندن حوصلو وڌائي ڇڏايو، هنن جي مسلسل پُرامن جدوجهد کي ڏسندي غير جانبداراڻي طور اسان به وس وارن، اعلى عدليا ۽ حڪمرانن کان مطالبو ٿا ڪريون ته هي به هتي جا شهري آهن جن جو سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار آهي، هي سندن التجا کي مان ڏيندي گم ڪيل سندن پيارن کي آزاد ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڍڳو پير پيران واري ڪارڪردگي

شبير سوڍڙو چئبو ته اسان جي تعليم ترقي پئي ڪري يا اڳتي وڌڻ بدران  پير پوئتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے