22 بدھ , نومبر 2017

ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر تي گهڻو وقت گذارڻ صحت لاءِ نقصانڪار قرار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) جيڪي ماڻهو پنهنجو گهڻو وقت ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر تي گذارين ٿا ته انهن لاءِ سٺي خبر ناهي، ڇو ته اها عادت سندن صحت تي ناڪاري اثر ڇڏي ٿي. نئين تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر تي گهڻو وقت گذارڻ سان ساهه جون بيماريون وڌي وڃن ٿيون. گليسگو يونيورسٽي جي پروفيسر اينڊرا شيرف پنهنجي ان تحقيق ۾ چيو آهي ته گهڻو وقت ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر تي ويهڻ سان اکين تي دٻاءَ سان گڏوگڏ جڏهن جسم جي حصن تي وزن وڌي ٿو ته ساهه کڻڻ واري عمل تي پڻ ناڪاري اثر پون ٿا، جنهن سان کنگهه، ٿولهه ۽ ٻيون بيماريون جنم وٺن ٿيون. ماهرن موجب ڊگهي وقت تائين نشريات ڏسڻ ۽ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ سبب جڏهن  ورزش جو وقت نه ٿو ملي ته ڦڦڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا، جنهن سان ساهه سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون، جنهن جا گهڻا متاثر نوجوان ٿين ٿا. طبي ماهرن صلاح ڏني آهي ته ڊگهي وقت تائين ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر تي ويهڻ کان پاسو ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شراب  نوشي ۽ سگريٽ نوشي سان انسان جلدي پوڙهو ٿي سگهي ٿو: ماهر

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ماهرن چيو آهي ته جيڪي ماڻهو شراب نوشي سان گڏ سگريٽ نوشي ڪندا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے