23 پیر , اپریل 2018

ڀارت ۾ نوجوان گهر کان ٻاهر نه اچڻ تي ڇوڪري کي باهه ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ): ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ نوجوان گهر کان ٻاهر نه اچڻ تي ڇوڪري کي باهه ڏئي ڇڏي، رياست ڪيرالا ۾ 23 سالن جي نوجوان پنهنجي 17 سالن جي دوست کي ملاقات لاءِ گهرايو، جڏهن ته ڇوڪري گهر کان ٻاهر اچڻ کان منع ڪري ڇڏيو، جنهن تي نوجوان توائي ۾ اچي ويو ۽ ان گاسليٽ هاري ڇوڪري کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس موجب نوجوان جي ان قدم سان ڇوڪري سخت سڙي پئي، جنهن تي پاڙيسرين ان کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جو 80 سيڪڙو جسم سڙي چڪو آهي، جنهن سبب سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس موجب ڇوڪري کي باهه لڳائيندڙ ڇوڪرو به ان واقعي ۾ سڙي پيو آهي، جنهن جي جسم جو 50 سيڪڙو حصو متاثر ٿيو، پوليس جوابدار کي زخمي حالت ۾ اسپتال مان حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن کي اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ بعد ئي جاچ ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪابل:چونڊ مرڪز تي آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 31 ٿي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ووٽر رجسٽريشن  آفيس ڀرسان ٿيندڙ آپگهاتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے