24 آچر , سيپٽمبر 2017

ڏکڻ آفريڪا جو جوابي وار، ناٽنگهم ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي وڏي مارجن تان شڪست

ناٽنگهم (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 340 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي چئن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي آهي. ناٽنگهم ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ جو نتيجو چوٿين ڏينهن ئي نڪري آيو. ڏکڻ آفريڪي ٽيم ٻي اننگ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 343 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪندي انگلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 473 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. هاشم آملا 87، ڊين ايلگر 80، ڪپتان فاف ڊوپليسي 63 ۽ ورنن فلينڊر 42 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. 473 رنسن جي جواب ۾ انگلش ٽيم ڏکڻ آفريڪي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ 133رنسن تي ڍير ٿي وئي. ميزبان ٽيم طرفان اليسٽر ڪُڪ 42، ڪيٽن جيننگز 3، گيري بيلنس 4، جو روٽ 8، جوني بيئراسٽو 16، بين اسٽوڪس 18، معين علي 27، اسٽيورٽ براڊ ۽ ليام ڊاسن ترتيب وار 5-5 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مارڪ ووڊ ۽ جيمز اينڊرسن کاتو ئي نه کوليو. ڏکڻ آفريڪا طرفان ورنن فيلنڊر ۽ ڪيشو مهاراج بهترين بالنگ ڪرائيندي 3-3، جڏهن ته ڪرس مورس ۽ ڊيوواني اوليويئر 2-2 وڪيٽون ورتيون. واضح رهي ته ميچ جي پهرين اننگ ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم 335 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته انگلش ٽيم پهرين اننگ ۾ 205 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهد آفريدي جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي، نيئن ٽيم ۾ محمد عامر سان گڏ کيڏندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) شاهد آفريدي بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڍاڪا ڊائنامائيٽس جو حصو بڻجندو. فاسٽ بالر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي