22 بدھ , نومبر 2017

ڪولمبو ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾، سريلنڪا کي 218 رنسون ۽ زمبابوي کي 7 وڪيٽون گهربل

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ڪولمبو ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن سريلنڪن ٽيم کي ڪاميابيءَ لاءِ 218 رنسون ۽ زمبابوي کي 7 وڪيٽون گهربل آهن. ڪولمبو ۾ جاري واحد ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن مهمان زمبابوي جي ٽيم ٻي اننگ ۾ 377 رنسن تي آئوٽ ٿي. مڊل آرڊر بيٽسمين سڪندر رضا بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 127 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ميلڪم والر 68، گريم ڪريمر 48 ۽ پيٽر مور 40 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. سريلنڪا طرفان رنگنا هيراٿ بهترين بالنگ ڪرائيندي 6 رانديگرن کي پويلين موٽايو. پهرين اننگ ۾ 10 رنسن جي سرسي حاصل ڪرڻ سبب زمبابوي جي ٽيم سريلنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ 388 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. سريلنڪا چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون. ديمٿ ڪرونارتني 49، اپل ٿرنگا 27 ۽ ڪپتان دنيش چندي مل 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪوشل مينڊس 60 ۽ انجيلو ميٿيوز 17 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامنٽ ميچ دوران ماکيءَ جو حملو

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامنٽ ۾ لاهور وائٽس ۽ پشاور جي ميچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے