لاهور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ پاڪستاني وومينز ڪرڪيٽ ٽيم ڏيهه موٽي آئي آهي. لاهور جي علاما اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندڙ رانديگرياڻين جي استقبال لاءِ ڪو عملدار موجود نه هو ۽ نه وري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ٽرانسپورٽ جو ڪو بندوبست ڪيو ويو هو. انگلينڊ کان ڏيهه پهچندڙ رانديگرياڻين ۾ بسما معروف، ڊيانا بيگ، مرينا اقبال، ناهيدا بي بي، اسماويا اقبال، ٻيون رانديگرياڻيون ۽ عملدار موجود هئا. ڪپتان ثنا مير ۽ نين عابدي ذاتي مصروفيتن سبب نه موٽي سگهيون. رانديگرياڻين لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي گهرن ڏانهن روانيون ٿي ويون. ناشرا سنڌو پنهنجي پيءُ سان گڏ موٽر سائيڪل تي ئي گهر هلي وئي. واضح رهي ته قومي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ بدترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي ستن ئي ليگ ميچن ۾ شڪست کاڌي.27
هي به ڏسي سگهو ٿا
سنڌ گيمز جي بندوبستن جي ذميواري وفاق وٽ هئي: راندين وارو وزير
ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راندين واري صوبائي وزير سنڌ گيمز جي انتظامن جو ذميوار وفاق …