24 آچر , سيپٽمبر 2017

شعيب ملڪ گهرواري ثانيا سان گڏ نڪتل تازي تصوير جاري ڪري ڇڏي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين آل رائونڊر شعيب ملڪ پنهنجي گهرواري جڳ مشهور ٽينس اسٽار ثانيا مرزا سان گڏ تازي تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي آهي. ثانيا مرزا ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ کيڏڻ لاءِ لنڊن وئي هئي، جڏهن ته شعيب ملڪ پڻ ٽيم جو ڪو به عالمي دورو نه هجڻ جو فائدو وٺندي پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ وقت گذارڻ لاءِ انگلينڊ پهتو، جتي هن ثانيا مرزا سان گڏ ڪڍيل تازي تصوير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي مداحن طرفان ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهد آفريدي جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي، نيئن ٽيم ۾ محمد عامر سان گڏ کيڏندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) شاهد آفريدي بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڍاڪا ڊائنامائيٽس جو حصو بڻجندو. فاسٽ بالر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي