24 آچر , سيپٽمبر 2017

مرلي وجي زخمي، سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز نه کيڏي سگهندو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين مرلي وجي زخمي هجڻ سبب سريلنڪا خلاف شيڊيول ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ سريلنڪا ويندي. ان ڏس ۾ بي سي سي آءِ سيڪريٽري اميتاڀ چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اوپنر مرلي وجي پريڪٽس ميچ دوران ٻيهر ٻانهن جي سور ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. بورڊ جي ميڊيڪل ٽيم کيس پنهنجو علاج جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن سبب هو سريلنڪا خلاف شيڊيول ٽيسٽ سيريز نه کيڏي سگهندو، جنهن کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي سندس جاءِ تي شيکر ڌون کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهد آفريدي جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي، نيئن ٽيم ۾ محمد عامر سان گڏ کيڏندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) شاهد آفريدي بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڍاڪا ڊائنامائيٽس جو حصو بڻجندو. فاسٽ بالر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي