22 بدھ , نومبر 2017

مسجد اقصيٰ نمازين لاءِ کولي وئي، مسلمانن جو داخلا کان انڪار

يروشلم (ويب ڊيسڪ): مسجد اقصيٰ ۾ داخلا لاءِ لاڳو ڪيل نون سڪيورٽي قدمن کي فلسطيني مسلمانن رد ڪندي مسجد ۾ داخلا کان انڪار ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته 14 جولاءِ تي والاريل بيت المقدس ۾ قابض اسرائيلي فورسز مسجد اقصيٰ جي احاطي ۾ جمعي نماز کان اڳ فائرنگ ڪري 3 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو هيو، واقعي جي حوالي سان اسرائيل دعويٰ ڪئي هئي ته ٽنهي فلسطينين باب الاسباط کان نڪري اسرائيلي پوليس اهلڪارن تي مبينا طور فائرنگ ڪئي هئي، جنهن سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، ان حملي کان فوري بعد قابض اسرائيلي فوج مسجد اقصيٰ جي تالابندي ڪندي تاريخي شهرالقدس جي مڪمل ناڪابندي ڪري ڇڏي هئي، خابرو ادارو جي رپورٽ مطابق آچر 16 جولاءِ تي اسرائيلي عملدارن ڪيمرا ۽ واڪ ٿرو گيٽس لڳائڻ بعد مسجد کي نمازين جي لاءِ کولي ڇڏيو، جڏهن ته فلسطيني مسلمانن نون سڪيورٽي قدمن کي رد ڪندي مسجد۾ داخلا کان انڪار ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن يروشلم ۾ حرم الشريف ڪمپائونڊ ۾ مظاهرين جو وڏو انگ جمع ٿيو ۽ الله اڪبر جا نعرا لڳايا، مسجد اقصيٰ کان ظهر جي آذان بعد نمازين جي وڏي انگ سڪيورٽي قدمن جي خلاف احتجاج ڪندي مسجد کان ٻاهر نماز ادا ڪئي.، مسجد جي ڊائريڪٽر شيخ عمر قصواني رپورٽرز کي ٻڌايو ته اسان اسرائيلي حڪومت جي لاڳو ڪيل تبديلين کي رد ڪريون ٿا، اسان هنن واڪ ٿرو گيٽس منا گذري مسجد ۾ داخل نه ٿينداسين، 52 سالن جي فلسطيني شهري وحيب لفطاوي جو چوڻ هو ته عبادت گاهه ۽ مسجد سامهون اهڙيون شيون لڳائڻ نه گهرجن، اسان انهن کي رد ڪريون ٿا نه ته اهو اسٽيٽسڪو بڻجي ويندو، واضح رهي ته جمعي ڏهاڙي پيش آيل فائرنگ جي واقعي بعد اسرائيلي انتظاميا جو چوڻ هو ته مسجد اقصيٰ کي بند ڪرڻ سڪيورٽي چيڪنگ لاءِ ضروري آهي، ان کانپوءِ پوليس آچر ڏهاڙي اعلان ڪيو ته مسجد جي مرڪزي ڪمپائونڊ تائين ويندڙ ٻه دروازا واڪ ٿرو گيٽس لڳائڻ بعد کوليا پيا وڃن، پيرس جي دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو انهن سڪيورٽي قدمن تي ڳالهائيندي چيو هيو ته اعليٰ سڪيورٽي قيادت سان ڳالهين دوران مون انهن کي واڪ ٿرو گيٽس لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ جلد ئي مسجد جي ٻاهر موجود ٿنڀن تي ڪيمرائون لڳائڻ جي شروعات ڪئي ويندي، يار رهي ته ماضي ۾ به مسجد جي احاطي جي سڪيورٽي ۾ تبديلي جي آڇ تڪرارن جو سبب بڻجي چڪي آهي، مسجد اقصيٰ مسلمانن لاءِ ٽئين مقدس ترين جڳهه آهي، جڏهن ته يهودي به ان سان عقيدت رکندا آهن، هي مقدس جڳهه اسرائيل ۽ فلسطين يج وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب رهي آهي ۽ هتي پردشدد واقعا ٿيندا رهندا آهن، جيتوڻيڪ يهودي هتي اچي سگهن ٿا پر انهن کي مسجد جي احاطي ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نائيجريا ۾ مسجد ڀرسان ڌماڪو، 50 نمازي شهيد

ابوجا(ويب ڊيسڪ) مسلمانن جي وڏي ملڪ نائيجريا ۾ آپگهاتي حملي آور مسجد جي ڀرسان ڌماڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے