23 پیر , اپریل 2018

فلم جي ڪاميابيءَ لاءِ اجي ديوگن پاڪستاني فنڪارن جي واکاڻ ڪرڻ لڳو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اجي ديوگن چيو آهي ته پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت ۾ اچي ڪم ڪرڻ گهرجي. 48 ورهين جي اجي ديوگن پاڪستاني فنڪارن بابت پنهنجي بيان تي يوٽرن وٺندي چيو آهي ته پاڙيسري ملڪ سان اسان جا لاڳاپا اڃا تائين تڪراري آهن پر حقيقت اها آهي ته ماڻهو اڃا به پاڪستاني فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، تنهن ڪري انهن کي هتي اچي ڪم ڪرڻ گهرجي. سندس بيان ان وقت سامهون آيو، جڏهن سندس فلم ’’بادشاهو‘‘ رليز ٿيڻ واري آهي. رپورٽن موجب اجي ديوگن کي پاڪستاني فنڪارن سان اوچتو ان ڪري محبت ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي فلم ”بادشاهو“ جي رليز ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني نٿو چاهي. سندس خواهش آهي ته فلم ”بادشاهو“ پاڪستاني سئنيما گهرن ۾ به نمائش لاءِ پيش ٿئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنسي طور هيسائڻ جو الزام، مومنه مستحسن به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گلوڪاره ميشا شفيع کانپوءِ پاڪستان جي مشهور گلوڪاره مومنه مستحسن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے