22 بدھ , نومبر 2017

مانچسٽر ۾ اڻڄاتل ماڻهن مسجد کي باهه ڏئي ڇڏي

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ): مانچسٽر ۾ اڻڄاتل ماڻهن مسجد کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ مسجد جو اندروني احاطو مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو، برطانوي ميڊيا موجب ايمرجنسي سروس کي رات دير سان مانچسٽر جي علائقي ڊرولسڊن روڊ تي واقع نسفت اسلامڪ سينٽر ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع مليو، جنهن بعد سڪيورٽي فورسز ۽ فائر برگيڊ جو عملو واقعي واري هنڌ پهچتو، اسلامڪ سينٽر جي ترجمان موجب واقعي ڏهاڙي اڻڄاتل نمبر تان فون ڪال آئي ۽ چيو ويو ته مسجد کي باهه ڏني وئي آهي، جڏهن ته ان وقت مسجد ۾ ڪو شخص موجود نه هيو، فائر برگيڊ طرفان باهه تي قاو آڻڻ بعد فرانسسڪ ماهر به واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جڏهن ته فراسسڪ ماهرن واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، ٻئي طرف مانچسٽر پوليس موجب اسلامڪ سينٽر ۾ لڳل باهه شروعاتي طور مشڪوڪ نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته گڏيل جاچ ٽيم باهه لڳڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ياد رهي ته 2014 ۾ به اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪرڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي کڻي اچڻ ۽ کڻي وڃڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ مني بس کي باهه ڏني وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نائجيريا ۾ لساني گروهه جو مسلمان آبادي تي حملو، 30 ڄڻا مارجي ويا

ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائجيريا ۾ هڪ لساني گروهه مسلمانن جي اڪثريت واري ڳوٺ تي حملو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے