24 آچر , سيپٽمبر 2017

آمريڪي ايوان نمائندگان پاڪستان جي فوجي امداد تي وڌيڪ شرطن جو بل منظور ڪري ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي ايوان نمائندگان پاڪستان کي ڏني ويندڙ فوجي امداد تي وڌيڪ شرطون لاڳو ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو آهي، بل تحت ڀارت سان دفاعي سهڪار وڌايو ويندو، جڏهن ته پاڪستان جي 40 ڪروڙ ڊالر جي امداد کان اڳ آمريڪي دفاع واري وزير کي پاڪستان بابت سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ڪنهن دهشتگرد جي مالي يا عسڪري مدد نه ڪري رهيو آهي ۽ اهو ته پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ خلاف آپريشن ۽ عسڪريت پسندن جي چرپر روڪڻ لاءِ افغان حڪومت سان سهڪار ڪري رهيو آهي، ٽرم انتظاميا جو چوڻ آهي ته آمريڪا افغانستان ۽ پاڪستان حوالي سان نئين پاليسي جو اعلان به جلد ڪندي، آمريڪي ايوان نمائندگان ڀارت سان دفاعي سهڪار وڌائڻ ۽ پاڪستان جي امداد تي سخت شرطون لاڳو ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو، آمريڪي امداد جي 696 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ان دفاعي پاليسي بل جي حق ۾ 344 ۽ مخالفت ۾ 81 ووٽ وڌا ويا، بل تي عمل هلندڙ سال پهرين آڪٽوبر کان ٿيندو، بل ۾ لڳايل نئين شرطن تحت پاڪستان کي دفاعي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ آپريشنز جي لاءِ واضح قدم کڻڻا پوندا، سرحد پار حملا رڪڻ سان گڏوگڏ بارودي سرنگهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مناسب ڪارروائي ڪرڻي پوندي، بل تحت پهرين آڪٽوبر 2017 کان 31 ڊسمبر 2018 تائين پاڪستان لاءِ مخصوص 40 ڪروڙ ڊالر امداد ان وقت تائين نه ڏني ويندي، جيستائين آمريڪي دفاع وارو وزير ان ڳالهه جي تصديق نه ڪري ته پاڪستان اتر وزيرستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ خلاف مسلسل فوجي آپريشن ڪري رهيو آهي ۽ پاڪ افغان سرحد تي عسڪريت پسندن خلاف مسلسل فوجي آپريشن ڪري رهيو آهي ۽ پاڪ افغان سرحد تي عسڪريت پسندن جي چرپر کي روڪڻ لاءِ افغان حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي، دفاعي پاليسي بل هاڻي سينيٽ مان منظور ٿيندو، جنهن بعد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان جي حتمي منظوري ڏيندو ۽ اهو قانون جي شڪل اختيار ڪري ويندو، هوڏانهن آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار جنرل ايڇ آر ميڪ ماسٽر جو چوڻ آهي ته آمريڪا اهڙي پاليسي تي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪا ڪنهن هڪ ملڪ جي لاءِ ناهي پر ڏکڻ ايشيا لاءِ هوندي، پر اها خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي تي لاڳو ٿيندي، پاليسي جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه فيصل سان يودا جي فوٽو شاپ ڪيل تصوير: سعودي عرب ڪتاب نصاب مان ڪڍي ڇڏيو

رياض (ويب ڊيسڪ): سعودي عرب اسڪول جي نصابي ڪتاب ۾ هڪ استاد طرفان شاهه فيصل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي