17 اڱارو , جولاءِ 2018

اسان انصاف جي راهه ۾ ڪٿي به رڪاوٽ نه پيا بڻجون: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اسان انصاف جي راهه ۾ ڪٿي به رڪاوٽ نه پيا بڻجون، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته پيپرا رولز جي پاسداري نه ڪئي وئي، ثابت ڪنداسين ته جي آءِ ٽي جانبدار هئي، جي آءِ ٽي قانوني شهادت جو حوالو ڏنو پر پاڻ ڀڃڪڙي ڪئي، هاڻي ته معاملو عدالت ۾ آهي، نواز شريف استعيفيٰ ڇو ڏئي، سڀ کان پهرين چيو ويو ته جي آءِ ٽي جا ماڻهو وزيراعظم جي ماتحت آهن، هاڻي جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي خوشيون ملهايون پيون وڃن، هن چيو ته اسان پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪيو، مان حيران آهيان پيپلز پارٽي ڪرپشن جي خلاف ڳالهه ڪري رهي آهي، طلال چوڌري چيو ته جيڪي وڪيل اسان کي ووٽ ناهن ڏيندا، اهي اسان جي حمايت ڇا ڪندا، معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلندو يا ٽرائل ڪورٽ ۾ هلندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے