23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

قائونصل جنرل ۽ سنڌ سرڪار پاران سنڌ صوبي جي زميني زرخيزيءَ جي منصوبابنديءَ بابت اڀياس واري رپورٽ جو مهورت

ڪراچي: قائونصل جنرل گريس شيلٽن اڄ پارڪ جي چئرمين  ڊاڪٽريوسف ظفر سان گڏجي صوبي ۾ زميني زرخيزيءَ جي منصوبابنديءَ بابت جوڙيل رپورٽ جو مهورت ڪيو. هيءُ پراجيڪٽ اقوام متحده جي خوراڪ ۽ زراعت واري تنظيم (FAO)، پاڪستان جي کاڌ خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، پاڪستان ريسرچ ڪائونسل (PARC)، يو ايس آءِ ڊي ۽ امريڪا جي زراعت بابت کاتي (USDA) درميان شراڪتداريءَ سان لاڳاپيل آهي. سنڌ بابت زميني زرخيزيءَ واري هن اڀياس ۾ زمين جي قسم ۽ ان جي موجوده زرخيزيءَ واري صورتحال، پوک لاءِ مقامي طور تي استعمال ٿيندڙ اصلوڪين زرعي روايتن ، ڀاڻ جي استعمال جي طريقن ۽ فطري توڙي خراب ٿيل زمين جي مختلف ذريعن سان اپت وڌائڻ جي حڪمت عمليءَ بابت تفصيلي ذڪر ٿيل آهي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي گريس شيلٽن چيو ته، ”زراعت جي شعبي جي مضبوطي توڙي ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن کي پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ امريڪا پاران 50 سالن کان پاڪستان سان هلندڙ سهڪار اڄ تائين جاري آهي. امريڪا جو زراعت وارو کاتو ۽ عالمي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ امريڪي ايجنسي (USAID) پاڪستان ۾ موجود پنهنجي هم منصبن سان پنهنجا تجربا توڙي ٽيڪنالاجيءَ جو تبادلو ڪندا رهن ٿا ته جيئن هتي جي هارين ۽ انهن جي خاندانن لاءِ معاشي موقعن ۾ واڌارو ٿي سگهي.“
پاڪستان ۾ اقوام متحده جي خوراڪ ۽ زراعت واري تنظيم (FAO) جي ڊپٽي فرانسسڪو گامارو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته، ”توڙي، جو هيءَ تقريب هن پراجيڪٽ جي پجاڻيءَ جو اهڃاڻ آهي، پر دراصل اها ملڪ ۾ خانگي شعبي ۽ آبادگارن کي پاڻ ۾ ڳنڍي غذائي انتظامڪاريءَ کي وڌائڻ ۽ اپت کي فروغ ڏيڻ جي شروعات آهي.“
هيءُ اڀياس زرعي انگن اکرن، ماڻهن کان ورتل راءِ ۽ صوبائي توڙي مرڪزي ادارن وٽان جمع ڪيل معلومات جي بنياد تي جوڙيل آهي. معلومات ۽ دستاويز گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ صوبي جي مختلف علائقن ۾ تسلسل سان ورڪشاپس ۽ مشاورت ڪئي ويندي رهي. ان ۾ قومي ۽ صوبائي سطح تي مک فصلن جهڙوڪ ڪڻڪ، چانورن، ڪپهه، مڪئي ۽ ڪمند جا آبادگار شامل هئا. ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن ۾ زمين جي زرخيزي کي ٿيندڙ نقصان ئي کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي حوالي سان وڏو خطرو آهي. فطري طور تي گهٽ زرخيزي رکندڙ زمين ۾ درست نموني سان ڀاڻ جو استعمال ڪري وڌيڪ اپت وٺي سگهجي ٿي ۽ مختلف قسم جي فصلن جي اپت کي به فروغ ڏئي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف کي سياست مان بي دخل ڪرڻ جي سازش ٻيهر ناڪام ٿي وئي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف کي سياست …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي