15 جمعو , ڊسمبر 2017

سپريم ڪورٽ جو فيصلو خلاف آيو ته عمل ڪنداسين پر مڃينداسين نه: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ): قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اسان جي حق ۾ آيو ته تسليم ڪنداسين، خلاف آيو ته قانوني طور عملدرآمد ڪنداسين پر ان کي تسليم نه ڪنداسين ۽ عدالتي فيصلي کي 2018 جي چونڊن ۾ عوام وٽ کڻي وينداسين، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڀٽو جي ڦاسي سپريم ڪورٽ ئي ڏني هئي پر ان فيصلي کي عدالتي قتل مڃيو ويندو آهي، نه رڳو قتل پر شهيد مڃيو ويندو آهي، ڇا عدالتون غلط فيصلو نه ٿيون ڪري سگهن، هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جو اسان خلاف ايندڙ فيصلو قبول نه ڪنداسين پر ان کي قانوني طور لاڳو ضرور ڪنداسين ۽ فيصلي کي 2018 ۾ عوام وٽ کڻي وينداسين، هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ ڪيترائي معاملا غير ضروري طور شامل ڪيا ويا ۽ عدالت کي ردي جي ٽوڪري ۾ نه پر گٽر ۾ ڦٽو ڪري ڇڏڻ گهرجي، ڇو ته جيڪڏهن رپورٽ کي ردي ۾ ڦٽو ڪيو ويندو آهي ته ان سان ردي جي ٽوري جي به توهين ٿيندي آهي، هن چيو ته مشرف جو ڪيس روٽين ۾ هلي رهيو آهي، پر اهو مڪ کان ٻاهر آهي، مشرف کي واپس اچي ڪيس کي منهن ڏيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو: سعد رفيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے