23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

عوامي آواز:حسين آباد جي رهواسي عورتن جو حسين آباد پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

حسين آباد جي رهواسي عورتن زبينه خاتون ۽ عظميٰ خاتون پنهنجن معصوم ٻارڙن، مٽن مائٽن ۽ گهرڀاتين سميت پوليس خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي زبيده ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته گذريل جمع واري ڏينهن هو نصرپور کان حيدرآباد اچي رهيا هئا ته پوليس جي ٻن موبائل گاڏين سندن گاڏيءَ کي روڪيو ۽ هو سندس مڙس ذوالفقار پرهياڙ ۽ ان جي ڀاءُ افتخار پرهياڙ کي کڻي حسين آباد ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو،

سندس چوڻ هو ته پوليس هن کي به 3 ڪلاڪن تائين حسين آباد ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، بعد ۾ پوليس سندس مڙس ۽ ڏير کي گم ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ ٻنهي ڀائرن کي ٽنگن ۾ گوليون هڻي هاف فرائي ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هو خراب حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج هيٺ آهن.

هن ٻڌايو ته پوليس سندن هڪ ڪار به ڪاهي وئي آهي، اها پڻ گم ڪئي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز| سينيٽ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل چونڊ سڌارن جو بل اعتزاز احسن جي ترميم کي رد ڪري منظور ڪري ورتو

سينيٽ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل چونڊ سڌارن جو بل اعتزاز احسن جي ترميم کي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي