16 اربع , آگسٽ 2017

سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٿي وڃي ته پوءِ رڳو نظرثاني ٿي سگهي ٿي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ اعتراض جو لفظ ناهي لکيل، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته رپورٽ ۾ بائيڪاٽ جو لفظ به ناهي لکيو ويو، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٿي وڃي ته پوءِ رڳو نظرثاني ٿي سگهي ٿي، بابر اعواڻ چيو ته نظرثاني لاءِ نه وڃڻ جو مطلب اسٽيشن کان ٽرين گذري چڪي آهي، جي آءِ ٽي ڪم ختم ڪري چڪي آهي، ان کي جيڪو ڪم ڪرڻو هيو، اها اهو ڪري چڪي آهي، اها رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، جي آءِ ٽي 13 سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي هئي، جي آءِ ٽي خلاف اعتراض جو وقت به گذري ويو ۽ هاڻي ان جو وجود به ناهي رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان عوامي تحريڪ کي مال روڊ تي ڌرڻي جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان عوامي تحريڪ کي اڄ رات 10 وڳي تائين مال …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي