24 سومر , جولاءِ 2017

عوامي آواز:کهڙا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ کجي جو فصل تيار ٿي ويو، واڍين کجين جي علائقن ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا

کجين جي ديس طور  سڃاتي ويندڙ ضلعي خيرپور جي مختلف شهرن کهڙا، گمبٽ، رپڙي، بهاري، احمد پور، سوڀو ديري، پير جوڳوٺ، اڳڙا، راضي ديري ۽ ٻين شهرن ۾ کجين ۾ واڍي شروع ٿي وئي آهي.

وڏي انگ ۾  پورهيت پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ پڙن تي پهچي ويا آهن، مزدورن الطاف شر، زاهد حسين، ضمير شر، اظهر علي  شر ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته  باغائي اسان کي مزدوري جي گهٽ اجرت ڏئي رهيا آهن 300 ۽ 350 رپيا ڏهاڙي ڏني پئي وڃي جيڪا هن مهانگائي واري دور ۾ تمام گهٽ آهي.

ٻئي پاسي باغ جي مالڪن جو چوڻ آهي ته چئوماسي جي برساتون شروع ٿيڻ ڪري کجين جو فصل سخت متاثر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته  گذريل ٽن سالن کان ڀارت جي واپارين پاران ڇوهارون خريد نه ڪرڻ ڪري سمورو ڇوهارو پاڪستان جي جي مختلف خانگي منڊين ۾ اسٽاڪ ڪيو ويو آهي مٿان وري حڪومت پاران ريٽ گهٽ هئڻ ڪري پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو آهي …………

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز| نيوز بليٽن ستون / 2017-07-23

*استيعفيٰ ڏيڻ يا نه ڏيڻ وزيراعظم جي مرضي ۽ سياست آهي: مخالف ڌر جو اڳواڻ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي