21 منگل , نومبر 2017

عوامي آواز: لانگ مارچ رپورٽ

گذريل مهيني کان سنڌ جي مختلف علائقن ما کنڀي گم ڪيل تقريبا 50 سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب ڪراچيءَ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين سول سوسائٽيءَ جي سرواڻن پنهل ساريو، امر فياض ۽ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن جي قيادت ۾ جاري آزادي مارچ شاهراهه فيصل ايف ٽي سي بلڊنگ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين پهچي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو،

سنڌ هيومن رائيٽس، قومپرستن ۽ وائيس آف مسنگ پرسن پاران سنڌ جي گُم ٿيل نوجوانن جي آزادي جي لاءِ حيدرآباد مان نڪتل لانگ مارچ جي تاريخي پُڄاڻي، 29 جولاءِ تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس جو اعلان، ڪانفرنس ۾ شاعرن، اديبن، ليکڪن پاران شرڪت ڪري آواز اٿاريو ويندو.

سوين ماڻهن مارچ ۾ شامل ٿي گمشدگين واري ڏاڍ خلاف ڄمي بيهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عالمي ضمير ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان نوجوانن جي آزادي ۾ مدد جو مطالبو ڪيو ويو آهي،

پير پِٿون ڪري سنڌ جي گادي واري هنڌ پهتل گُم ٿيل نوجوانن جي مائرن ۽ قومي ڪارڪنن سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي باشعور ۽ حقن جي ڳالهه ڪندڙ نوجوانن کي ڏوھ ٻڌائڻ بِنا ئي کنڀي گُم ڪيو پيو وڃي.

ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته ڪالهه نوجوانن جي آزادي وارو پيادل لانگ مارچ ڪراچي پريس ڪلب وٽ پڄاڻي تي پهتو، مارچ ۾ ڪراچي جي سنڌي نوجوانن ۽ قومي ڪارڪنن پاران شريڪ عورتون کي اجرڪون اوڍايون ۽ مٿن گُلن جي ورکا ڪئي. جڏهن ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان گُم ٿيل ماڻهن جي آزادي جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو پڻ هنيو ويو.

ان موقعي تي ڌرڻي ۽ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ سول سوسائٽي جي اڳواڻ پنهل ساريو، جسقم آريسر جي ڊاڪٽر مير عالم مري، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سورٺ لوهار، معشوق چانڊيو، امر فياض، تنوير آريجو، ادل سولنگي، نيلم آريجو، سسئي لوهار ۽ ٻين چيو ته سنڌ مان نوجوانن کي کنڀي گُم ڪرڻ وارو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. جنهن تي ڳڻتي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڳجھا ادارا کنڀي گُم ڪرڻ کان اڳ کين پنهنجو ڏوھ ئي نه پيا ٻڌائين. جنهن ڪري نوجوانن جي گھرن ۾ ڪهرام متل آهي. پنهل ساريو چيو ته پيادل مارچ وقت گُم ٿيل نوجوانن جو انگ 50 تائين پهچي چڪو هو. جڏهن ته پيادل مارچ دوران وڌيڪ 11 نوجوانن کي کنڀي گُم ڪيو ويو آهي. جنهن بعد انگ 61 ٿي ويو آهي.

هن چيو ته کنڀي گُم ڪيل نوجوانن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي. پر ڪو به ادارو توڙي جھموري حڪومتون سنڌ جي ماڻهن خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهن.

هن چيو ته 29 جولاءِ تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪانفرسن ڪوٺائي وئي آهي. جنهن ۾ سنڌ جا رائيٽرس، شاعر، اديب شرڪت ڪندا. هن سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هر مڪتبه فِڪر جو ماڻهو ان ڪانفرنس ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري جيئن گُم ٿيل نوجوانن جو آواز بين الاقوامي سطح تائين پهچائي سگھون.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سول سوسائٽي جي اڳواڻ نغمه اقتدار خطاب ڪندي چيو ته ڳجھا ادارا سنڌ جي شعور کي گُم ڪري رهيا آهن، اها اهڙي سازش آهي جنهن کي سنڌ ڪڏهن به برداشت نه ڪندي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پرامن ۽ پنهنجي حقن خاطر اظهار جي آزادي جو استعمال ڪري رهيا آهن پر کين کنڀي گُم ڪري انهن جا لاش گھرن ڏانهن موڪليا پيا وڃن. اهڙو عمل مذمت جوڳو آهي. انساني حقن جو تنظيمون ان معاملي جو نوٽس وٺن. ۽ هن اها پڻ گھُر ڪئي آهي ته کنڀي گُم ڪيل نوجوانن کي جلد آزاد ڪيو وڃي.

 

اسڪرپٽ : زاهد ميراڻي

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز:رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2017-11-20

کپري ڀرسان اڇڙي ٿر ۾ ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. عوامي آواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے